اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۽ ڏکڻ وزيرستان ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن ڪارروائين ۾ فتنه الخوارج جي 35 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي. وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ضلعي ۾ …
وزيراعظم پاران باجوڙ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۽ ڏکڻ وزيرستان ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن ڪارروائين ۾ فتنه الخوارج جي 35 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي. وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ضلعي ۾ آپريشن ۾ دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ 12 سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شيهي جي ديوار وانگر بيٺيون آهن، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيُون.











