چينگڊو-13 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو ۽ سيڪريٽريٽ جي ميمبر، سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پبلسٽي ڊيپارٽمينٽ جي وزير لي شولئي سان چينگڊو ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفه تعاون کي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چين …
صدر آصف علي زرداري جي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ سان چينگڊو ۾ ملاقات

مزید خبریں
چينگڊو-13 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو ۽ سيڪريٽريٽ جي ميمبر، سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پبلسٽي ڊيپارٽمينٽ جي وزير لي شولئي سان چينگڊو ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفه تعاون کي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چين جي صوبي سچوان ۾ مهمانوازي تي ٿورو ادا ڪيو ۽ ٻي گولڊن پانڊا ايوارڊز انٽرنيشنل ڪلچر فورم جي ڪاميابي بندوبست تي کين ۽ انتظاميا کي مبارڪون ڏنيون. صدر پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريندي عوامي رابطن ۽ عوامي سفارتڪاري کي گهرو ڪرڻ جي عزم کي اجاگر ڪيو. لي شولئي چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري کي پنهنجون نيڪ تمنائون ۽ مبارڪون موڪليون آهن ۽ هن سال فيبروري ۾ صدر جي دوري دوران ٿيندڙ ملاقات کي ياد ڪيو آهي. هن چائنه ڊيلي ۾ صدر زرداري جي تازي مضمون جي به تعريف ڪئي. لي شولئي چيو ته هو ۽ صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري طرفان پاڪ چين شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ واري قيادت جو تمام گهڻو قدر ڪيون ٿا. هن چيو ته دنيا بدلجي رهي آهي پر چين ۽ پاڪستان هميشه مضبوط ڀائر رهندا، اڄ دنيا کي بارود جي بوءِ بدران ڪتابن جي خوشبوءِ جي ضرورت آهي ۽ اها ان جي مستحق آهي. هن ان يقين جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان چين دوستي ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.










