چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران قصور سيڪٽر ۽ جلال پور پير والا ملتان ۾ فلڊ رليف ڪيمپن جو دورو

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت پاران قصور سيڪٽر ۽ جلال پور پير والا ملتان ۾ فلڊ رليف ڪيمپن جو دورو ڪري امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس پڌرائي موجب آرمي چيف جو قصور ۽ ملتان جي ٻوڏ متاثر عائقن جو دورو سول انتظاميه ۽ فوج وچ ۾ هم …

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت پاران قصور سيڪٽر ۽ جلال پور پير والا ملتان ۾ فلڊ رليف ڪيمپن جو دورو ڪري امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس پڌرائي موجب آرمي چيف جو قصور ۽ ملتان جي ٻوڏ متاثر عائقن جو دورو سول انتظاميه ۽ فوج وچ ۾ هم آهنگي وڌائڻ تي ٻڌل هو ته جيئن متاثره آبادي لاءِ اثرائتي  امداد کي يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ سول انتظاميه جا ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا.  دوري دوران چيف آف آرمي اسٽاف کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بچاءَ ۽ امدادي ڪارروائين بابت موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سول انتظاميه سان ڳالهائيندي هن گڊ گورننس ۽ عوامي خدمت تي ٻڌل ترقي جي اهميت تي زور ڀريو. هن ٻوڏ سبب ٿيل تباهي کان عوام کي تحفظ لاءِ گهربل بنيادي ڍانچي جي ترقي سميت سمورا ضروري قدم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته رياست هر سال قيمتي حياتين ۽ ملڪيتن جو نقصان برداشت نٿي ڪري سگهي. هن ٻوڏ سبب متاثر ڪميونٽيز کي درپيش چئلينجز  کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط سول ملٽري ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سمورن قدمن جي مدد لاءِ پاڪ فوج جي پختي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف پاڪ فوج ۽ سول انتظاميه طرفان ٻوڏ سبب ريسڪيو ڪيل ٻوڏ متاثرن سان ڳالهين دوران انهن جي آبادڪاري ۽ بحالي ۾ سهڪار جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. آرمي چيف امدادي ڪارروائين ۾ مصروف فوجي جوانن، ريسڪيو 1122 ۽ پوليس اهلڪارن سان ملاقات به ڪئي. هن انتهائي ڏکين حالتن ۾ قوم جي خدمت لاءِ سندن بلند حوصلي، آپريشنل تياري ۽ ثابت قدمي جي تعريف ڪئي. هن ماڻهن کي وقت سر رليف ۽ امداد جي فراهمي لاءِ سول انتظاميه سان گڏ ويجهن رابطن جي حوالي سان سندن 24 ڪلاڪ جاري ڪوششن جي به تعريف ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف نقصان جي صورتحال ۽ جاري امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ لاهور، قصور، ملتان ۽ جلال پور پير والا سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي معائنو به ڪيو. ان کان اڳ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پهچڻ تي فيلڊ مارشل جي آجيان لاهور ۽ ملتان جي ڪور ڪمانڊرز ڪئي.