اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) کي جديد بنيادن تي گامزن ڪرڻ لاءِ هڪ منظم ۽ انتهائي فعال فورس بڻائڻ چاهيون ٿا، ان جو هيڊ ڪوارٽر پشاور کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، هن ايف سي هيڊ ڪوارٽر لاءِ زمين جي نشاندهي جي هدايت ڪندي هيڊ ڪوارٽر جو ماسٽر پلان به …
ايف سي جو هيڊ ڪوارٽر پشاور کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) کي جديد بنيادن تي گامزن ڪرڻ لاءِ هڪ منظم ۽ انتهائي فعال فورس بڻائڻ چاهيون ٿا، ان جو هيڊ ڪوارٽر پشاور کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، هن ايف سي هيڊ ڪوارٽر لاءِ زمين جي نشاندهي جي هدايت ڪندي هيڊ ڪوارٽر جو ماسٽر پلان به طلب ڪري ورتو. گهرو وزارت موجب انهن خيالن جو اظهار هن سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس دوران ڪيو، جنهن ۾ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري، ڪمانڊنٽ ۽ ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري، سي ڊي اي چيئرمين، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊي سي اسلام آباد ۽ سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. گهرو وزير چيو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر لاءِ گادي واري هنڌ موزون جڳهه رکي وڃي، زمين جي نشاندهي دوران هيڊ ڪوارٽر ۽ ٽريننگ جي ضرورتن کي خاص طور تي نظر ۾ رکيو وڃي. محسن نقوي چيو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري کي جديد بنيادن تي گامزن ڪري هڪ منظم ۽ انتهائي فعال فورس بڻائڻ چاهيون ٿا.











