اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جون سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. ٻوڏ جي سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي جلالپور ملتان ۾ پڻ بحريه جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪشمور، گهوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور ۾ اڳ ئي موجود ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن. ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ۾ هوور ڪرافٽ، ريسڪيو بوٽس ۽ ماهر …
پاڪ بحريه پاران سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري

مزید خبریں
اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جون سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. ٻوڏ جي سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي جلالپور ملتان ۾ پڻ بحريه جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪشمور، گهوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور ۾ اڳ ئي موجود ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن. ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ۾ هوور ڪرافٽ، ريسڪيو بوٽس ۽ ماهر ٽوٻا شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 478 ٻوڏ متاثر ماڻهن کي مختلف علائقن ۾ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه پاران هن وقت تائين ريسڪيو ڪيل ماڻهن جو مجموعي تعداد 6860 ٿي ويو آهي. متاثر آبادي کي مفت طبي سهولتن ۽ ضروري دوائن جي فراهمي به جاري آهي. پاڪ بحريه متاثرن کي مڪمل بحالي تائين هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.











