وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران پاڪستان ٽيليويزن جي سينئر اداڪار عشرت عباس جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاڪستان ٽيليويزن جي سينئر اداڪار عشرت عباس جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته عشرت عباس جي فني خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته عشرت عباس  اردو، پشتو ۽ هندڪو ڊرامن ذريعي پنهنجي فنڪاراڻين صلاحيتن کي مڃرايو ۽ …

اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاڪستان ٽيليويزن جي سينئر اداڪار عشرت عباس جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته عشرت عباس جي فني خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته عشرت عباس  اردو، پشتو ۽ هندڪو ڊرامن ذريعي پنهنجي فنڪاراڻين صلاحيتن کي مڃرايو ۽ چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي جاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. هن نه رڳو ٽيليويزن پر ريڊيو پاڪستان جي ڊرامن ۾ به صداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ پنهنجي آواز کي امر بڻايو. اي