اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ خصوصي خطاطي نمائش جو اهتمام ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاطي گيلري جو معائنو ڪيو. هن ڊي اي ايم پي جي ثقافتي ۽ فني سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. …
عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران خصوصي خطاطي نمائش جو اهتمام

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ خصوصي خطاطي نمائش جو اهتمام ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاطي گيلري جو معائنو ڪيو. هن ڊي اي ايم پي جي ثقافتي ۽ فني سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. ڊي اي ايم پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ثمينه فرزين گيلري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ خطاطي ۾ حصو وٺندڙ فنڪارن جي شاندار ڪم کي ساراهيو. نمائش فنڪارن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو جڏهن ته شرڪت ڪندڙن اسلامي خطاطي جي حُسن کي ساراهيو. ان موقعي تي قرآن جي آيتن تي ٻڌل دل کي موهيندڙ خطاطي جا نمونا پيش ڪيا ويا جن مقامي خطاطن جي فني مهارت کي کي اجاگر ڪيو. نعت خوانن جي شموليت تقريب جي روحاني ماحول کي وڌيڪ پرُاثر بڻائي ڇڏيو. نمائش جو مقصد اسلامي فن ۽ ثقافت ۾ خطاطي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. شرڪت ڪندڙن خوبصورت رسم الخط ۽ نفيس ڊيزائن ڏسي محظوط ٿيا. اها تقريب عيد ميلادالنبي ﷺ جي شايان شان جشن ثابت ٿي جنهن روحاني قدرن ۽ فنون لطيفه کي فروغ ڏنو ۽ پاڪستان جي عظيم ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جي اهميت کي نمايان ڪيو.











