نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ ڪميٽي اجلاس جي صدارت ڪندي اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ خصوصي پئڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس وزيراعظم جي انهن هدايتن جي فالو اپ جي طور تي ٿيو جيڪي اپريل ۾ منعقد اوورسيز پاڪستانين جي ڪانفرنس کانپوءِ جاري ڪيون ويون هيون. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو …

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ ڪميٽي اجلاس جي صدارت ڪندي اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ خصوصي پئڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس وزيراعظم جي انهن هدايتن جي فالو اپ جي طور تي ٿيو جيڪي اپريل ۾ منعقد اوورسيز پاڪستانين جي ڪانفرنس کانپوءِ جاري ڪيون ويون هيون. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اوورسيز جي لاءِ پئڪيج جي سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. نائب وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي باقي رهيل هدفن تي فوري عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته حڪومت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن، انهن جي خدمتن کي ساراهڻ ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ عملي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اجلاس ۾ اوورسيز پاڪستاني ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري مملڪي وزير، ريلوي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، اوورسيز پاڪستانيز واري سيڪريٽري ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن، آءِ ٽي، ايف بي آر ۽ ناڻي واري وزارت جي سينيئر افيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں