اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ايراني سفير رضا اميري مقدم جي ملاقات ڪئي. ايراني سفير پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايراني سفير چيو ته پاڪستان برادر ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، آزمائش جي هن گهڙي ۾ اسان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. ملاقات دوران دنيا ۾ …
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ايراني سفير رضا اميري مقدم جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ايراني سفير رضا اميري مقدم جي ملاقات ڪئي. ايراني سفير پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايراني سفير چيو ته پاڪستان برادر ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، آزمائش جي هن گهڙي ۾ اسان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. ملاقات دوران دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي ۽ بين المذاهمب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ايران ۽ عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين کي ريگولرائيز ڪيو پيو وڃي، زائرين ۽ روزگار لاءِ ايران ويندڙ پاڪستانين بابت ايران سان جلد ايم او يو تي صحيحون ڪنداسين. مذهبي معاملن واري وزارت، گهرو وزارت ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي مدد سان ايم او يو تيار ڪري رهيا آهيون. ايراني سفير 50 هين عالمي سيرت ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ پاڪستان جي حڪومت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي سيرت النبي ﷺجي روشني ۾ سوشل ميڊيا سميت حاضر جي دور جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي. اسرائيل پاران ايران تي حملي دوران پاڪستان جي ڪردار تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا شڪرگذار آهيون، اسلامو فوبيا ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال نومبر ۾ عالمي قرآن جي قرآت جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا. پاڪستان ۽ ايران ان ملاقات دوران حج ۽ عمري جي ادائيگي، جديد عصري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمن ۽ مدرسن جي شاگردن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.











