يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ صدارتي ڪامپليڪس، ميزائيل اڏن، تيل جي ٺڪاڻن ۽ پاور پلانٽس جي ويجهن علائقن تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ 6 ماڻهو فوت، 86 زخمي

صنعا -25 آگسٽ (اي پي پي) يمن جي گادي واري شهر  صنعا ۾ صدارتي ڪامپليڪس، ميزائيل اڏن ۽ تيل ۽ پاور پلانٽس جي ويجهو وارن علائقن تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ 6 ماڻهو فوت ۽ 86 زخمي ٿي پيا. يمن جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ صنعا ۾ حزيز پاور اسٽيشن ۽ 60هين اسٽريٽ تي واقع آئل ڪمپني کي نشانو بڻايو ويو. حملن کان پوءِ سول ڊفينس ۽ …

صنعا -25 آگسٽ (اي پي پي) يمن جي گادي واري شهر  صنعا ۾ صدارتي ڪامپليڪس، ميزائيل اڏن ۽ تيل ۽ پاور پلانٽس جي ويجهو وارن علائقن تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ 6 ماڻهو فوت ۽ 86 زخمي ٿي پيا. يمن جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ صنعا ۾ حزيز پاور اسٽيشن ۽ 60هين اسٽريٽ تي واقع آئل ڪمپني کي نشانو بڻايو ويو. حملن کان پوءِ سول ڊفينس ۽ ريسڪيو ٽيمون هن وقت تائين گم ٿي ويلن جي ڳولا ۽ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي، ته يمن جي گادي واري شهر صنعا تي اسرائيلي حملن دوران صدارتي محل سميت شهر جي پاور اسٽيشن کي پڻ تباهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايران جو حمايت يافته گروپ اسرائيل تي پنهنجن حملن جي وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. اسرائيلي فوج حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي، ته جن جاين کي نشانو بڻايو ويو آهي، انهن ۾ صدارتي محل سميت 2 پاور اسٽيشن  ۽ ٻارڻ کي ذخيرو ڪرڻ واريون جايون به شامل آهن.