بيجنگ -25 آگسٽ (اي پي پي) چين دنيا جي 157 ملڪن ۽ خطن جي لسٽ ۾ 3 وڏن واپاري شراڪتدارن ۾ شامل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو انڪشاف جنرل ايڊمنسٽريشن آف ڪسٽمز جي سربراهه سن ميجون پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته 2024ع ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ شامل ملڪن سان چين جو واپار 22 ٽريلين يو آن (3 ٽريلين آمريڪي ڊالرز) تائين پهچي ويو آهي، …
چين دنيا جي 157 ملڪن ۽ خطن جي لسٽ ۾ 3 وڏن واپاري شراڪتدارن ۾ شامل

مزید خبریں
بيجنگ -25 آگسٽ (اي پي پي) چين دنيا جي 157 ملڪن ۽ خطن جي لسٽ ۾ 3 وڏن واپاري شراڪتدارن ۾ شامل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو انڪشاف جنرل ايڊمنسٽريشن آف ڪسٽمز جي سربراهه سن ميجون پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته 2024ع ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ شامل ملڪن سان چين جو واپار 22 ٽريلين يو آن (3 ٽريلين آمريڪي ڊالرز) تائين پهچي ويو آهي، جيڪو ملڪ جي گڏيل آمدني ۽ روانگي واپار جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن عالمي سهڪار جي حوالي سان چين جي عزم تي زور ڀريندي چيو ته 2021ع کان وٺي هن وقت تائين عالمي سهڪار جي 519 دستاويزن تي صحيحيون ڪيون ويون آهن ته جيئن گڏيل معاشي فائدن کي هٿي وٺائي سگهجي.











