واشنگٽن-23آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري کاتي(پينٽاگون) جي ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل جيفري ڪروز ۽ ٻين اعليآ عهديدارن کي پنهنجن عهدن تان هٽايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق اهي برطرفيون هلندڙ سال آمريڪي فوج جي ڪيترن ئي اعليٰ عهديدارن کي سندن عهدن تان هٽائڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهن. هڪ سينيئر دفاعي اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جنرل ڪروز …
آمريڪي دفاع واري کاتي جو انٽيليجنس سربراهه پنهنجي عهدي تان برطرف

مزید خبریں
واشنگٽن-23آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري کاتي(پينٽاگون) جي ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل جيفري ڪروز ۽ ٻين اعليآ عهديدارن کي پنهنجن عهدن تان هٽايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق اهي برطرفيون هلندڙ سال آمريڪي فوج جي ڪيترن ئي اعليٰ عهديدارن کي سندن عهدن تان هٽائڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهن. هڪ سينيئر دفاعي اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جنرل ڪروز هاڻي ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي جي ڊائريڪٽر طور ڪم نه ڪندو. جنرل ڪروز جي ان عهدي تان برطرفي جي آمريڪي انتظاميا طرفان ڪا وضاحت ناهي ڪئي وئي. ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي جو ڊائريڪٽر بڻجڻ کان اڳ جنرل ڪروز نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر لاءِ فوجي معاملن جي مشير طور به خدمتون انجام ڏنيون. هو دهشتگرد گروپ داعش خلاف اتحاد لاءِ انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي رهيو. هڪ ٻئي آمريڪي اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ٻين سينيئر اهلڪارن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي جن ۾ نيوي ريزرو جو سربراهه وائيس ايڊمرل نينسي ليڪور ۽ نيول اسپيشل وار فيئر جو ڪمانڊر ريئر ايڊمرل ملٽن سينڊز شامل آهن.











