بيجنگ – 22 آگسٽ (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جو سربراهي اجلاس 31 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين چين جي شهر تيان جن ۾ ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته چين جو صدر شي جن پنگ اجلاس جي صدارت ڪندو ۽ 25 هين ”ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ“ جي اجلاس سان گڏو گڏ ”ايس سي او پلس“ اجلاس کي به خطاب …
شنگهائي سهڪار تنظيم جو ٻن ڏينهن وارو سربراهي اجلاس 31 آگسٽ تي چين جي شهر تيان جن ۾ شروع ٿيندو

مزید خبریں
بيجنگ – 22 آگسٽ (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جو سربراهي اجلاس 31 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين چين جي شهر تيان جن ۾ ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته چين جو صدر شي جن پنگ اجلاس جي صدارت ڪندو ۽ 25 هين ”ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ“ جي اجلاس سان گڏو گڏ ”ايس سي او پلس“ اجلاس کي به خطاب ڪندو. ترجمان ٻڌايو ته اجلاس دوران چين جو صدر شريڪ اڳواڻن جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو ۽ ٻه طرفا ملاقاتون به ڪندو.











