آمريڪا کان 50 ارب ڊالرن جا ڊرون حاصل ڪرڻ جي معاهدي جي تجويز پيش ڪئي آهي: يوڪريني صدر جي تصديق

ڪيف-21 آگسٽ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي آمريڪا کان 50 ارب ڊالرن جا ڊرون حاصل ڪرڻ جي معاهدي جي تجويز پيش ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ان معاملي تي روس يوڪرين جنگ جي خاتمي کانپوءِ عمل ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين صدر صحافين سان هڪ ملاقات دوران چيو ته يوڪرين واشنگٽن ۾ ٿيل ملاقاتن دوران آمريڪا کي 50 ارب ڊالرن جا ڊرون تيار ڪرڻ جي معاهدي جي …

ڪيف-21 آگسٽ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي آمريڪا کان 50 ارب ڊالرن جا ڊرون حاصل ڪرڻ جي معاهدي جي تجويز پيش ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ان معاملي تي روس يوڪرين جنگ جي خاتمي کانپوءِ عمل ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين صدر صحافين سان هڪ ملاقات دوران چيو ته يوڪرين واشنگٽن ۾ ٿيل ملاقاتن دوران آمريڪا کي 50 ارب ڊالرن جا ڊرون تيار ڪرڻ جي معاهدي جي تجويز پيش ڪئي آهي جنهن تي عملدرآمد جنگ جي خاتمي کان پوءِ 5 سالن جي عرصي ۾ ڪيو ويندو. يوڪرين جي هڪ رسالي ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب يوڪريني صدر چيو ته ڊرون بابت جيڪا ڊيل اسان تيار ڪئي آهي ۽ آمريڪي ڌُر کي تجويز ڪئي آهي، ان ۾ 50 بلين ڊالرن جي پيداوار ۽ گڏيل پيداوار شامل آهي، يعني 10 ملين ڊرون ساليانو جي حساب سان 5 سالن تائين ڊرون جي فراهمي هوندي، جيڪو هڪ وڏو پروگرام آهي. يوڪريني صدر وڌيڪ چيو ته هي معاهدو امڪاني طور جنگ جي خاتمي کانپوءِ عمل جوڳو هوندو.