اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي 33 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن پاڪ افغان سرحد کان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي زوب ۾ مداخلت جي ڪوشش ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته فتنه الهندستان …
سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي 33 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي: گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي 33 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن پاڪ افغان سرحد کان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي زوب ۾ مداخلت جي ڪوشش ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي. فتنه الهندستان جي دهشتگردن ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين. هن چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جا ناپاڪ عزم مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئت تي فخر آهي. قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.











