قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جي لاءِ علائقائي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري جو قدرتي آفتن ۾ گهٽتائي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جي لاءِ علائقائي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته گڏيل دريائن ۽ گڏيل خطرن جي حوالي سان وسيع تر عالمي تعاون ضروري آهي، قومي ۽ عالمي تنظيمون آفتن کي منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تياري کي پنهنجي ڪم جو بنيادي حصو بڻائين، پاڪستان موسمياتي آفتن جي …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جي لاءِ علائقائي سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته گڏيل دريائن ۽ گڏيل خطرن جي حوالي سان وسيع تر عالمي تعاون ضروري آهي، قومي ۽ عالمي تنظيمون آفتن کي منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تياري کي پنهنجي ڪم جو بنيادي حصو بڻائين، پاڪستان موسمياتي آفتن جي خلاف جدوجهد ۾ رڳو متاثر ملڪ نه آهي پر هڪ اڳواڻ ملڪ بڻجي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو هر سال 13 آڪٽوبر تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو وڃي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اڄ اسان هڪ اهڙي ڏينهن کي ملهائي رهيا آهيون جيڪو پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، اسان ٻوڏن، زلزلي، شديد گرمي جي لهر ۽ سوڪهڙي مان گذري رهيا آهيون، اسان آفتن جي ڪري زندگين، گهرن ۽ اميدن کي پهچندڙ نقصانن جي قيمت ڄاڻون ٿا، اسان سکيو آهي ته اسان کي رڳو ردعمل جو مظاهرو نه پر اڳ کان تياري ڪرڻ گهرجي، ڊگهي عرصي تائين اسان آفتون اچڻ جا منتظر ۽ پوءِ مدد جي لاءِ ڀڄون ٿا، هاڻي اهو ڪافي نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي قومي نظام خطرن جي اڳواٽ نشاندهي جي لاءِ مصنوعي ذهانت، سيٽلائيٽس ۽ حقيقي وقت جي انگن اکرن کي استعمال ۾ آڻيندي ذڪر جوڳو ڪم ڪيو آهي، اهو نظام آبادين کي وقت کان اڳ تنبيهه جاري ڪري ٿو ۽ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ کان اڳ ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ٿيڻ ۾ مدد ڏي ٿو. صدر چيو ته مقامي آباديون ۽ مقامي حڪومتون آفتن جي خلاف اسان جي پهرين دفاعي صف آهن، ڪا وفاقي آفيس ڪنهن ڳوٺ جي ان جي پنهنجي ماڻهن کان وڌيڪ تيزي سان نه ٿي پهچي سگهي. هن چيو ته مقامي انتظاميا ۽ ڪميونٽي جا رضاڪار اڪثر سڀ کان پهرين امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺن ٿا ڇو ته اهي پنهنجي علائقي ۽ اتان جي ماڻهن کان واقف هوندا آهن. صدر قومي ۽ عالمي تنظيمن تي زور ڀريو ته اهي آفتن کي منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تياري کي پنهنجي ڪم جو بنيادي حصو بڻائين. پاڪستان جو ماڊل دنيا جي لاءِ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر آصف علي زرداري عالمي برادري تي زور ڀريو ته قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون کي فروغ ڏنو وڃي ۽ خطا گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. وقت کان اڳ تنبيهه جي اطلاع فوري طور تي سرحدن جي پار پهچڻ گهرجي. صدر چيو ته اسان کي عالمي پاڻي استحڪام جي پروگرام، زمين جي برفائي خطن جي تحفظ جي قدمن، عالمي غذائي تحفظ ۽ موسمياتي هڪ جهڙائي جي لاءِ عالمي فنڊ قائم ڪرڻ جڏهن ته پنهنجي ماحول جي تحفظ جي لاءِ موثر قانونن ۽ گڏيل دريائن ۽ گڏيل خطرن جي حوالي سان وسيع تر عالمي تعاون جي پڻ ضرورت آهي. صدر چيو ته هن پاڪستاني عوام جي همت، متاثر آبادين جي نئين سر تعمير، ٻين جي حياتي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي حياتي کي خطري ۾ وجهندڙ رضاڪارن ۽ انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ سائنسدانن جي ڏينهن رات ڪوششن جو مشاهدو ڪيو آهي. ان لاءِ آئون پراميد آهيان ۽ مون کي يقين آهي ته پاڪستان موسمياتي آفتن جي خلاف جدوجهد ۾ رڳو متاثر ملڪ نه پر هڪ اڳواڻ ملڪ بڻجي سگهي ٿو. صدر پنهنجي پيغام ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اچو، هاڻي گڏجي عمل ڪريون. اچو هڪ اهڙو پاڪستان جوڙيون جيڪو قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار هجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ ثابت قدم ملڪ آهي ۽ اڳتي وڌندو رهندو.

مزید خبریں