اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستاني روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم اڳڀرائي طور نيشنل لاجسٽڪ سيل (اين ايل سي) ۽ ڊي پي ورلڊ جي وفدن واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي قيادت ڊي جي اين ايل سي ڪئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ ڊي پي ورلڊ جي وائيس چيئرمين ۽ پاڪستان مارٽ پراجيڪٽ جي سي اي او فخر عالم، وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار راڻا احسان افضل، واپار واري وزارت جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جنرل محمد اشرف شرڪت ڪئي. وفد گڏيل عرب امارتن جي علائقي جبل علي ويجهو قائم ڪيل واپاري مرڪز پاڪستان مارٽ جي منصوبي تي جامع بريفنگ ڏني. ڊي پي ورلڊ ان فليگ شپ پراجيڪٽ جي تعمير جا سمورا خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ ۽ پاڪستاني حصيدارن لاءِ ان کي مفت تعمير ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. منصوبي تحت پاڪستان مارٽ ۾ واپاري يونٽس، گودام، ريٽيل شاپس، شورومز ۽ اي ڪامرس فل فلمنٽ سينٽرز شامل هوندا، جيڪي پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙن ۽ واپارين لاءِ مخصوص هوندا. هي منصوبو وچ اوڀر، آفريقا ۽ عالمي خريدارن لاءِ ميڊ ان پاڪستان مصنوعات جي نمائش لاءِ هڪ مرڪزي مرڪز طور تيار ڪيو پيو وڃي. واپار واري وفاقي وزير ان منصوبي کي پاڪستاني واپار ۽ ايڪسپورٽ جي عالمي سطح تي سڃاڻپ لاءِ هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل، گارمنٽس، سرجيڪل اوزار، راندين جو سامان، غذائي شين ۽ نيوٽر سيوٽيڪلز جهڙا شعبا ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. واپار واري وزير زور ڀريندي چيو ته مارٽ ۾ اي ڪامرس فل فلمنٽ ۽ لاجسٽڪ سهولتون به شامل ڪيون وڃن ته جيئن ڊجيٽل ايڪسپورٽ جي وڌندڙ رجحان مان فائدو کڻي سگهجي. هن واپار واري وزارت جي سمورن لاڳاپيل شعبن سميت ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي ان منصوبي جي ترقي ۾ سهڪار ۽ هم آهنگي يقيني بڻائين، هن وفد کي يقين ڏياريو ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن لاءِ سمورن عملن کي آسان بڻائڻ ۽ ايڪسپورٽ لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. وفد واپار واري وزير کان مطالبو ڪيو ته هو موزون ڪاروباري ادارن جي چونڊ، آگاهي مهم ۽ روانگي واپار ڪندڙن جي مدد لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري. وفاقي وزير وفد جو ٿورو مڃيندي ان اهم منصوبي لاءِ سندس حمايت کي ساراهيو.