اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڀارت ڪشميرين جا بنيادي انساني حق غصب ڪري پوري واديءَ کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڪشمير مسئلي جو پُرامن، منصفاڻو ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل چاهيون ٿا. يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع اهو بدترين ڏينهن هو جڏهن ڀارت والاريل …
ڀارت ڪشميرين جا بنيادي انساني حق غصب ڪري پوري واديءَ کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڀارت ڪشميرين جا بنيادي انساني حق غصب ڪري پوري واديءَ کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڪشمير مسئلي جو پُرامن، منصفاڻو ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل چاهيون ٿا. يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع اهو بدترين ڏينهن هو جڏهن ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني قدمن ذريعي نه رڳو ڪشميرين جا بنيادي حقن غصب ڪيا پر پوري واديءَ کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارتي حڪومت هڪ طرفي قدمن تحت والاريل وادي ۾ ڊگهو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو جنهن ۾ ڪشميري عوام کي سندن گهرن ۾ نظربند ڪري ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جو بدترين مثال قائم ڪيو ويو، بزرگ هجن يا ٻار، عورتون هجن يا نوجوان، سڀن کي رياستي ڏاڍ جو نشانو بڻايو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان غير انساني قدمن تي نه صرف سڄي دنيا ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو پر ڪيترن عالمي ادارن به ڀارتي پاليسين تي سوال اُٿاريا، ڀارتي ڏاڍ خطي جي امن کي سنگين خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو مؤقف هميشه واضح ۽ چٽو رهيو آهي، اسان ڪشمير مسئلي جو پُرامن، منصفاڻو ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي پر سمورن تڪرارن جو جٽادار حل صرف ۽ صرف ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڀارت طرفان جارحاڻن عزمن ۽ خطي ۾ بالادستيءَ جا خواب ڪڏهن به تعبير نٿا ٿي سگهن، 6 سال گذري چڪا آهن پر ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي خوداراديت واري حق لاءِ ثابت قدميءَ سان جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن 6 سالن جي تاريخ معصوم ڪشميرين جي بي گناهه رت سان لکجي چڪي آهي، هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته هو خاموش تماشائي نه بڻجن پر انصاف جو ساٿ ڏيندي ڀارت تي دٻاءُ وجهن ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اُمنگن موجب ان پُراڻي تڪرار جو منصفاڻو حل ڪڍن. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل نه صرف ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي پر هي عالمي امن جي تحفظ لاءِ پڻ اڻٽر بڻجي چڪو آهي، ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ طاقت جي زور تي ڪشميرين کي خاموش ڪرائڻ جون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو.











