اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 5 آگسٽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميرين سان گڏ آهي، ڀارت هڪ طرفي طور تي ڪشميرين کي پنهنجي آئين کان به ڌار ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي …
5 آگسٽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميرين سان گڏ آهي: امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 5 آگسٽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميرين سان گڏ آهي، ڀارت هڪ طرفي طور تي ڪشميرين کي پنهنجي آئين کان به ڌار ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهي پاليسي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو، آمريڪي صدر پڻ ڪشمير کي تڪراري قرار ڏنو، پي ٽي آءِ طرفان 5 آگسٽ تي يومِ استحصال جي موقعي تي سياسي احتجاج جو سڏ ڪشميرين سان ناانصافي آهي، ان ڏينهن احتجاجي سڏ ڏيڻ ڪشمير ڪاز ۽ قومي يڪجهتي خلاف سازش آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن يومِ استحصال ڪشمير ريلي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پارليامينٽ هائوس کان ڊي چؤڪ تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وفاقي وزير امير مقام، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ريلي جي اڳواڻي ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽيءَ جو چيئرمين محمد قاسم نون، مملڪتي وزير وجهيه قمر، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر شبير احمد عثماني، آزاد ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم سردار تنوير الياس، ڪشمير گلگت بلتستان معاملن وارو پارلياماني سيڪريٽري چوڌري انوار الحق، آل پارٽيز حريت ڪانفرنس اڳواڻ الطاف حسين واني، حريت اڳواڻن، مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين، سياستدانن سميت مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. امير مقام چيو ته ان ريلي جو بندوبست ڪشميرين ۽ لائن آف ڪنٽرول تي رهندڙ ڪشميرين کي پيغام ڏنو آهي ته پوري قوم ڪشميرين سان گڏ آهي، اڄ جي پروگرام جو مقصد عالمي سطح تي پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري اڪيلا ناهن، اسان انهن سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو ته جيستائين آخري ڪشميري ۽ پاڪستاني زندهه آهي ڪشميرين کي حق ڏيڻو پوندو، پوري دنيا ۾ اڄ يومِ استحصال جي مناسبت سان تقريبون جاري آهن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هتي اچڻ انتهائي سٺو سنوڻ آهي. اڄ جي ريلي جي بندوبست لاءِ تعليم واري وزارت، سڌ سماءَ ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اڄ هزارين ماڻهو ان ريليءَ ۾ شريڪ آهن جنهن تي اسان سڀني جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هي 5 آگسٽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، هي انڊيا جي تاريخ ۾ به ڪارو ڏينهن آهي، 78 سالن کان ڪشميرين تي ڏاڍ ٿي رهيو آهي، 5 آگسٽ ۾ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي وئي، ڀارت هڪ طرفي طور تي ڪشميرين کي پنهنجي آئين مان ڌار ڪري ڇڏيو، ڀارت جي ان قدم جو مقصد ڪشمير ۾ ڊيموگرافڪ تبديلي آهي. هن چيو ته اسان ڪالهه به ان قدمن کي رد ڪيو اڄ به رد ڪريون ٿا. هن چيو ته 1989ع کان 31 جولاءِ 2025ع تائين 94 هزار کان وڌيڪ ڪشميري گرفتار ڪيا ويا، هزارين ڪشميري ٻار يتيم، عورتون بيواهه ۽ گهر تباهه ٿيا، ڪشمير جو عوام اڄ پنهنجي نظريي ۽ پاڪستانيت تي قائم آهي، ان مظلوم ڪشميرين کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي اڄ به جيلن ۾ قيد آهن. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اصل تڪرار صرف ڪشمير آهي، پاڪستان جي فوج ڀارت کي اصل جواب ڏئي ان جي غلط فهمي دُور ڪري ڇڏي، پاڪستان حڪومت ۽ قوم ڪشميرين سان آخري حد تائين بيٺل آهي.










