والاريل ڪشمير جو عوام 7 ڏهاڪن کان ڀارتي رياستي دهشتگردي جو شڪار آهن: علي امين گنڊاپور

پشاور-05 آگسٽ(اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي ظلم ۽ جبر خاص طور تي گذريل 6 سالن کان ڀارتي حڪومت طرفان هڪ طرفي طور ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي رياستي دهشتگردي جو شڪار آهي. ڀارت، ان عرصي دوران ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي حق” حق خوداراديت“ …

پشاور-05 آگسٽ(اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي ظلم ۽ جبر خاص طور تي گذريل 6 سالن کان ڀارتي حڪومت طرفان هڪ طرفي طور ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي رياستي دهشتگردي جو شڪار آهي. ڀارت، ان عرصي دوران ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي حق” حق خوداراديت“ کان محروم رکڻ لاءِ ظلم ۽ جبر جي انتها ڪري رکي آهي. هن چيو ته جڏهن فاشٽ ڀارت ڏٺو ته سمورن ظلمن ۽ هٿڪنڊن باوجود ڪشميري عوام پنهنجي حق لاءِ ڄمي بيٺل آهن ته فاشٽ ڀارتي حڪومت، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي آئين ۾ شامل والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت (آرٽيڪل- 370) جو خاتمو ڪري مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ جبر جي هڪ نئين داستان جي شروعات ڪئي جيڪا انساني حقن جي عالمي ادارن لاءِ فڪر جو لمحو آهي. يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان جاري خصوصي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته اسان ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ گذريل 6 سالن کان جاري بدترين رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.