پاڪستان ۽ يورپي يونين جا مضبوط لاڳاپا خطي جي استحڪام ۽ عالمي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جا مضبوط لاڳاپا خطي جي استحڪام ۽ عالمي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، يورپي يونين پاڪستان جي وڏي واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيدارن ۾ شامل آهي، پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، واپار، ماحوليات، لڏپلاڻ ۽ علائقائي امن جهڙا گڏيل هدف پاڪ – يورپي …

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جا مضبوط لاڳاپا خطي جي استحڪام ۽ عالمي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، يورپي يونين پاڪستان جي وڏي واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيدارن ۾ شامل آهي، پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، واپار، ماحوليات، لڏپلاڻ ۽ علائقائي امن جهڙا گڏيل هدف پاڪ – يورپي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفارتي مشن جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا سان ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ يورپي يونين جا مضبوط لاڳاپا خطي جي استحڪام ۽ عالمي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، يورپي يونين پاڪستان جي وڏي واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيدارن ۾ شامل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ايراسمس منڊس ۽ هورائزن يورپ پروگرام پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ قيمتي تعليمي ۽ تحقيق موقعا فراهم ڪن ٿا، پاڪستان پاڪ – يورپي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته واپار، ماحوليات، لڏپلاڻ ۽ علائقائي امن جهڙا گڏيل هدف پاڪ – يورپي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيندا. صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا جي پاڪ – يورپي لاڳاپن جي فروغ ۾ خدمتن کي ساراهيندي عهدو ڇڏيندڙ يورپي يونين وفد جي سربراهه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.