وزيراعظم پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي آبادگار جي لاءِ گهٽ لاڳت قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ننڍي ۽ وچولي درجي جي آبادگار جي لاءِ گهٽ لاڳت قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبادگارن کي گهٽ لاڳت قرض جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ گهٽ زمين وارن آبادگارن کي عزت ۽ تڪريم ڏيڻي پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت …

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ننڍي ۽ وچولي درجي جي آبادگار جي لاءِ گهٽ لاڳت قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبادگارن کي گهٽ لاڳت قرض جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ گهٽ زمين وارن آبادگارن کي عزت ۽ تڪريم ڏيڻي پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جي سڌارن ۽ آبادگارن جي لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزيرن بلال اظهر ڪياني، عبدالرحمان ڪانجو، خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، قومي اسيمبلي ميمبر افتخار نذير، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي، احمد عمر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ننڍي آبادگارن کي گهٽ لاڳت قرض حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ننڍي پئماني جي آبادگارن کي زرعي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ گهٽ لاڳت قرض جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن زرعي ترقياتي بئنڪ جي بهتري جي لاءِ سڌارا لاڳو ڪرڻ کي تيز ڪرڻ ۽ ننڍي پئماني جي آبادگارن کي آسان شرطن تي گهٽ لاڳت قرض جي فراهمي جي لاءِ نجي بئنڪ جي حوصلا افزائي جي هدايت ڪئي. هن چيو ته هو زرعي ترقياتي بئنڪ ۽ آبادگارن کي قرضن جي فراهمي جي لاءِ قدمن تي هر ٽن هفتن کانپوءِ اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندو. اجلاس کي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ جاري سڌارن، ڪارڪردگي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نجي بئنڪن پاران زرعي شعبي کي قرض جي فراهمي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي زرعي ترقياتي بئنڪ جي ڪارڪردگي جي بهتري ۽ قرضن ۾ سهولت جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون ويون.