وزيراعظم پاران ايف بي آر ۾ سڌارن جي نتيجي ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس وصولي ۾ اضافي کي اطمينان جوڳو قرار

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ سڌارن جي نتيجي ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس وصولي ۾ اضافي کي اطمينان جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي ٽيڪس وصولي ۽ سڌاراجاتي هدفن ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي ويندي، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ڪسٽم ڪليئرنس جي سڌاراجاتي نظام سان عوامي آگاهي جي …

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ سڌارن جي نتيجي ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس وصولي ۾ اضافي کي اطمينان جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي ٽيڪس وصولي ۽ سڌاراجاتي هدفن ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي ويندي، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ڪسٽم ڪليئرنس جي سڌاراجاتي نظام سان عوامي آگاهي جي لاءِ ٻئي ادارا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي تعاون سان پنهنجي صلاحيت کي وڌائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ تجويز ڪيل سڌارن تي هفتيوار جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اٽارني جنر، ايف بي آر چيئرمين سميت لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پاران فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ ڪيل سڌارن جي نتيجي ۾ جي ڊي پي ۾ٽيڪس وصولي جي تناسب ۾ اضافو حڪومت جي لاءِ اطمينان جوڳو آهي، وفاقي حڪومت ۽ آئون پاڻ عملدارن پاران ڪيل سڌاراجاتي قدمن جي مڪمل حمايت ۽ تحفظ ڪندس، ايندڙ مالي سال ۾ اڳ کان لاڳو ڪيل ٽيڪسز جو موثر ۽ بهتر نموني لاڳو ٽيڪس ڪليڪشن کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايف بي آر جي ايندڙ مالي سالجي ٽيڪس وصولي ۽ ٻين سڌاراجاتي هدفن جي منظر ٿيل مقرر وقت ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڌارن جي راهه ۾ ڳاڙهي ڦيٿي ۽ اداراجاتي رڪاوٽون ختم ڪري سڌارن جي مستقل لاڳو کي يقيني بڻائين، ڪسٽم ڪليئرنز ۾ انقلابي سڌارن جي سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙي ۽ موثر لاڳو کي يقيني بڻايو وڃي، ڪسٽم ڪليئرنس جي سڌاراجاتي ايجنڊا ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اداراجاتي ڪاررواين ۾ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي، ايف بي آر سڌارن جي نتيجي ۾ ٽيڪس ڪليڪشن جي ثمرن کي ايندڙ مالي سال ۾ برقرار رکڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبا گڏجي هم آهنگي ۽ ٺوس حڪمت عملي سان ڪم ڪن. وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ڪسٽم ڪليئرنس جي سڌاراجاتي نظام سان عوامي آگاهي جي لاءِ ٻنهي ادارن کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي تعاون سان پنهنجي صلاحيت کي وڌائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي فارم کي آن لائين ۽ اردو ۾ جوڙيو ويو آهي، انڪم ٽيڪس گوشوارن جي آن لائين فارم کي آسان ڪرڻ ۽ اردو زبان ۾ لاڳو ڪرڻ سان اٽڪل 84 سيڪڙو فائيلرز فائدو کڻندا، ايف بي آر نئين مالي سالجي پهرين مهيني جولاءِ ۾ پنهنجو ٽيڪس وصولي جو هدف پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ مهينن ۾ پڻ مڪمل هدف حاصل ڪرڻ جي اميد آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪسٽم ڪليئرنس جي لاءِ ڊيجيٽل انفورسمنٽ اسٽيشنز جو قيام ترجيحي بنيادن تي جاري آهي، ڪسٽم ڪليئرنس ۾ سينٽرلائيزڊ اسيسمنٽ يونٽ ۽ فيس ليس ڪسٽم سسٽم جي مڪمل لاڳو سان ڪسٽم ڪليئرنس جي نظام کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ سڌارن جي لاڳو جي لاءِ پاليسي فريم ورڪ، حڪمت عملي ۾ تبديلي ۽ مختلف شعبن ۾ قدم مقرر ڪيل ٽارگيٽ موجب جاري رهن.