اسلام آباد - 5 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته ملڪ ۾ بي آءِ ايس پي وسيلي لاڀ پرائيندڙ خاندانن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، هن پروگرام مان پنجاب سڀ کان وڌيڪ لاڀ پرائي رهيو آهي، ڊيوائس مافيا هر هنڌ موجود آهي، شڪايتن تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ٿي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪنهن کي به …
ملڪ ۾ بي آءِ ايس پي وسيلي لاڀ پرائيندڙ خاندانن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، هن پروگرام مان پنجاب سڀ کان وڌيڪ لاڀ پرائي رهيو آهي، ڊيوائس مافيا هر هنڌ موجود آهي، شڪايتن تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ٿي: بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد – 5 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته ملڪ ۾ بي آءِ ايس پي وسيلي لاڀ پرائيندڙ خاندانن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، هن پروگرام مان پنجاب سڀ کان وڌيڪ لاڀ پرائي رهيو آهي، ڊيوائس مافيا هر هنڌ موجود آهي، شڪايتن تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ٿي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪنهن کي به روزگار ڪرڻ کان نه ٿو روڪي پر ان جو مقصد ٿوري گهڻي مالي مدد فراهم ڪرڻ ۽ عورتن کي بااختيار ڪرڻ آهي، هر ٽن سالن کانپوءِ نئين سروي ٿئي ٿي، غربت جي لڪير کان نڪري ويندڙ خاندانن کي هن پروگرام مان ڪڍيو ويندو آهي ۽ نوان خاندان شامل ڪيا ويندا آهن، پروگرام سان گهڻي بهتري آئي آهي، گهر گهر سروي ممڪن نه آهي، هاڻي ڊائنامڪ سروي وسيلي ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي ٿو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) هيڊڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي لاڀ پرائيندڙ خاندانن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته منهنجي اچڻ کان اڳ اهو انگ 93 لک هو پر هاڻي اهو هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي، رڳو هڪ سال ۾ 7 لک خاندان هن پروگرام ۾ شامل ٿيا آهن. هن چيو ته هر ٽن مهينن کانپوءِ مستحقين کي وظيفو ڏنو وڃي ٿو ۽ ماهوار اهو 13500 رپيا آهي. هن چيو ته هن پروگرام جو مقصد اهو نه آهي ته صرف ان جي وظيفي تي ويهجي ۽ پوءِ ڪاروبار يا ڪم نه ڪجي، پر هن جو مقصد ٿوري گهڻي مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن مشڪلاتن ۾ ڪجهه گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ پروگرام جو مقصد عورتن کي بااختيار ڪرڻ آهي ته جيئن اهي گهر کان ٻاهر نڪري سگهن ۽ ان جو اهو فائدو ٿيو آهي جو گهڻين عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهجي ويا آهن، ان کان اڳ ۾ عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ عيب سمجهيو ويندو هو. هن چيو ته هن پروگرام وسيلي هر ٽن سالن کانپوءِ هڪ سروي ڪرائي وڃي ٿي ۽ نئين خاندانن کي شامل ڪيو وڃي ٿو. ڊيوائس مافيا جي حوالي سان شڪايتن تي بي آءِ ايس پي چيئرپرسن چيو ته اسان کي جتي شڪايتون ملن ٿيون انهن جي خلاف ڪارروايون ڪريون ٿا. هن چيو ته هن وقت بي آءِ ايس پي ۾ ملازمن جي انگ جي کوٽ آهي ڇو ته 2012ع کانپوءِ ان ۾ ڪي به ڀرتيون ناهن ٿيون، اڌ کان وڌيڪ ماڻهو ڊيپوٽيشن تي آيل آهن اهي ڪجهه وقت ڪم سکي پوءِ هليا وڃن ٿا. پروگرام کي سياست جي ور چاڙهڻ جي حوالي سان چيئرپرسن چيو ته گذريل حڪومت جي غلط پروپئگنڊه جي ڪري برطانيا کان ملندڙ 20 ملين پائونڊ بند ٿي ويا جنهن سان وڏو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته هن پروگرام کي پاڪستان جي حڪومت کانسواءِ ورلڊ بئنڪ پڻ سپورٽ ڪري ٿي. هن چيو ته ٻارن جي تعليم جي حوالي سان هن پروگرام جو وڏو هٿ آهي. هن وقت ڪرڪ بورڊ ۾ بي آءِ ايس پي وسيلي تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪريءَ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي جڏهن ته پورٽ عباس جي ٻار پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اها اسان جي وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته نشونما پروگرام وسيلي 6 سيڪڙو تائين جي بهتري آئي آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي جا مختلف پروگرام آهن جن مان ماڻهو لاڀ پرائي رهيا آهن. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي هدايت آهي ته عورتن کي باعزت طريقي سان پئسا ڏنا وڃن، ان حوالي سان اسان ڊيجيٽل واليٽ پروگرام آڻي رهيا آهيون جنهن تحت انهن کي پنهنجي اڪائونٽ ۾ پئسا ملندا. هن چيو ته جنهن کي به ڪي شڪايتون آهن اهي اسان کي پهچائي اسان فوري طور تي ان تي عمل ڪريون ٿا ۽ ڪارروائي ڪريون ٿا. سرڪاري ملازمن کان پئسا وصول ڪرڻ جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ان حوالي سان اڳئين حڪومت ۾ آڊٽ پيراز لڳل آهن، جنهن جي ڪري اسان کي انهن جي وصولي ڪرڻي پوي ٿي پر ڪيترائي سرڪاري ملازم آهن جيڪي ڪلاس فور ۾ اچن ٿا ان تحت اهي به هن جا مستحق آهن پر اڳئين حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ڪيترائي ماڻهو هن پروگرام مان نڪري ويا آهن. ايستائين جو هڪ ڀيرو حج تي ويندڙ به هن پروگرام مان خارج ڪيا ويا. جڏهن ته ارجنٽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙ کي به هن پروگرام مان خارج ڪيو ويو جيڪي خاندان مستحق آهن اهي بي آءِ ايس پي سينٽرن تي وڃن ۽ پنهنجي رجسٽريشن ٻيهر ڪرائين. انهن جا وظيفا ٻيهر شروع ڪيا ويندا.











