راولپنڊي-05 آگسٽ(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته هاڻوڪي پاڪ - ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي فتح تي ڪشميري فخر سان ڳاٽ اونچو ڪري هلي رهيا آهن، ڪشميري پاڪستان جي ڪاميابي کي پنهنجي ڪاميابي سمجهندا آهن، اڄ جو ڪشميري ڄاڻي ٿو ته انهن جون قربانيون ڪڏهن ضايع نه وينديون، ايندڙ وقت ڪشميري عوام جي صبر، جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر بڻجي اڀرندو، ڀارت جون …
هاڻوڪي پاڪ – ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي فتح تي ڪشميري فخر سان ڳاٽ اونچو ڪري هلي رهيا آهن: وفاقي وزير حنيف عباسي جو يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
راولپنڊي-05 آگسٽ(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته هاڻوڪي پاڪ – ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي فتح تي ڪشميري فخر سان ڳاٽ اونچو ڪري هلي رهيا آهن، ڪشميري پاڪستان جي ڪاميابي کي پنهنجي ڪاميابي سمجهندا آهن، اڄ جو ڪشميري ڄاڻي ٿو ته انهن جون قربانيون ڪڏهن ضايع نه وينديون، ايندڙ وقت ڪشميري عوام جي صبر، جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر بڻجي اڀرندو، ڀارت جون سازشون ۽ ظلم ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو. وفاقي وزير چيو ته 05 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو جڏهن مودي سرڪار، ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35-اي کي ختم ڪري والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت هڪ طرفي طور ختم ڪري ڇڏي، مودي حڪومت جي ان غير آئيني قدم، ڪشميرين جي حق خوداراديت تي کليل وار ڪيو. حنيف عباسي چيو ته ڪشميرين ڀارتي قدمن کي تسليم ناهي ڪيو، نه پاڪستان ۽ نه ئين دنيا جي باشعور قوم ۽ ڪشميري عوام، ڀارت جي ان غيرقانوني فيصلي کي واضح انداز ۾ رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي جرئت ۽ ثابت قدمي سان وڙهيو آهي. حنيف عباسي چيو ته الحمد الله اڄ ڪشميري، چاهي هو والاريل ڪشمير کان هجي يا آزاد ڪشمير کان، پاڪستان سان پنهنجي وابستگي تي فخر ڪري ٿو. ڪشميري عوام پاڪستان جي محبت ۾ سرشار آهن ۽ ڳاٽ اونچو ڪري پنهنجي وفاداري جو اظهار ڪري رهيا آهن. ڪشميري پنهنجي پاڪستاني سڃاڻپ تي فخر محسوس ڪن ٿا. هن چيو ته ياسين ملڪ جهڙا حريت پسند اڳواڻ ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن پر ڪشميري قوم جو جذبو اڻٽٽ آهي، ڪشميرين جو حق خوداراديت هاڻي اڳ کان وڌيڪ ويجهو آهي. وفاقي وزير چيو ته انشاالله، ڪشميرين جون لازوال قربانيون ضرور رنگ لائينديون، آزادي جو سج جلد اڀرندو، ظلم ۽ جبر جي ڊگهي رات هاڻي پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ واري آهي، ڪشمير ٺهندو پاڪستان رڳو نعرو ناهي، پر اسان جو ايمان آهي، ايندڙ نسل پنهنجي ڪنن سان اهو نعرو تڪميل تائين پهچندي ٻڌندو ڪشمير ٺهندو پاڪستان. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي هاڻي پري ناهي، اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشمير پاڪستان جو ناقابل ورڇ حصو بڻجندو.











