ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي يوم استحصال ڪشمير ملھايو ويو، حريت چيئرمين جي پيغام تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ھڙتال ۽ احتجاج ڪيو ويو

سرينگر - 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين يوم استحصال ڪشمير کي ڪاري ڏينھن طور ملھايو، ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ ھڪ طرفن قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪارو ڏينھن ملھائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ۽ ٻين آزادي پسند تنظيمن ڪئي ھئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت …

سرينگر – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين يوم استحصال ڪشمير کي ڪاري ڏينھن طور ملھايو، ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ ھڪ طرفن قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪارو ڏينھن ملھائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ۽ ٻين آزادي پسند تنظيمن ڪئي ھئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ نئين دھلي جي تھاڙ جيل مان جاري ھڪ پيغام ۾ عوام کي اپيل ڪئي ھئي ته ھو والاريل علائقي ۾ مڪمل ھڙتال، سول ڪرفيو ۽ احتجاجي ريليون ڪڍن. ھن چيو ته 5 آگسٽ مودي حڪومت جي ھڪ طرفن قدمن جو مقصد ڄمون ڪشمير کي زبردستي ضم ڪرڻ ۽ ڪشمير جي مسلمانن جي اڪثريت جي سڃاڻپ کي مٽائڻ ھو. جيل ۾ قيد حريت اڳواڻ بلال صديقي چيو ته گڏيل قومن جي ٺھرائن تي عملدرآمد ئي ڪشمير جي تڪرار جو واحد حل آھي. ڄمون ڪشمير وادي جي علائقي جي مختلف علائقن ۾ جيلن ۾ قيد نامياري حريت اڳواڻن جا پوسٽر لڳايا ويا جن ۾ چيو ويو هو ته ڪشميري ڀارتي قبضي کي رد ڪن ٿا. پوسٽرن ۾ گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ يورپي يونين کان مطالبو ڪيو ويو هو ته زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنھنجون ٽيمون والاريل علائقن ۾ موڪلين.