ڀارت ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي: سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ڀارت، 05 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي، عالمي برادري ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت ڪري. يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، 5 آگسٽ …

اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ڀارت، 05 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي، عالمي برادري ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت ڪري. يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل  ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته ڪشمرين جي پرامن جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي. اسان ڪشميري عوام جي انساني، سياسي ۽ جهموري حقن سان گڏ آهيون. پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين کي حق ڏيارڻ بنان خطي ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي. يوم استحصال ڪشمير ظلم خلاف ۽ انصاف جي حق ۾ آواز اٿارڻ جو ڏينهن آهي.