ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، پاڪستان جو هر شهري شيهي جي ديوار وانگر ڪشميرين سان گڏ بيٺو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 5 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، پاڪستان جو هر شهري شيهي جي ديوار وانگر ڪشميرين سان گڏ بيٺو آهي، ڪشمير استحصال جو ڏينهن، 5 آگسٽ، تاريخ جو ڪارو ڏينهن بڻجي ويو آهي، جڏهن ڀارت قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڪشميرين کان انهن …

اسلام آباد- 5 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، پاڪستان جو هر شهري شيهي جي ديوار وانگر ڪشميرين سان گڏ بيٺو آهي، ڪشمير استحصال جو ڏينهن، 5 آگسٽ، تاريخ جو ڪارو ڏينهن بڻجي ويو آهي، جڏهن ڀارت قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڪشميرين کان انهن جا بنيادي حق کسي ورتا، پاڪستان سدائين قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڪشمير استحصال جي ڏينهن، 5 آگسٽ جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 5 آگسٽ تاريخ جو ڪارو ڏينهن بڻجي ويو آهي جڏهن ڀارت پنهنجي غاصب قبضي کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڇڏي ۽ ڪشميرين جا بنيادي حق کسي ورتا. وفاقي وزير چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب خود اراديت جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان هميشه قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارتي حڪومت بري طرح بي نقاب ٿي چڪي آهي، والاريل ڪشمير جي بي وس ماڻهن تي ظلم ۽ جبر جا جبل ٽوڙيا پيا وڃن ۽ ڀارت اتي پنهنجو غير قانوني قبضو برقرار رکيو اچي. هن چيو ته سڄي دنيا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي ڏٺو آهي ۽ ڀارت جو اصل چهرو عالمي برادري جي سامهون اچي چڪو آهي. وفاقي وزير 5 آگسٽ 2019 جي ڀارتي قدمن ۽ ڀارت جي مسلسل جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشمير کي پنهنجي ساهه جي رڳ سمجهي ٿو. ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي، اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ۽ اميد جو ورجاءُ ڪيو ته ڀارت جو غاصباڻو قدم جلد واپس ٿيندو ۽ ڪشميري عوام کي انهن جا حق ضرور ملندا.