عالمي برادري ڀارت تي 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺڻ تي زور ڏي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڏوهن جو ارتڪاب روڪي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڏوهن جو ارتڪاب روڪي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا جيڪو نه رڳو عالمي قانون، اصولن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي مڪمل خلاف ورزي پر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي سازش پڻ آهي. وزيراعظم چيو ته استحصال ڏهاڙو ڀارت پاران امن ۽ استحڪام کي رد ڪرڻ ۽ ڀارتي ڏاڍ جي هڪ سنجيده ياد ڏياري ٿو، ڀارت جي غيرقانوني ۽ ناجائز قبضي جي شڪار ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن، وقار ۽ سڃاڻپ کان مسلسل انڪار علائقائي عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي کي ڪنهن به طرح برقرار نه ٿو رکي سگهجي ان لاءِ ڀارت رياستي دهشتگردي ۽ ڏاڍ ۾ اٽڪل 8 ڏهاڪن کان ٻيڻو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته بهادر ڪشميري عوام وقار سان ان ظلم کي برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن سمورن پاڪستانين ۽ دنيا جي سمورن امن پسند ماڻهن جي لاءِ ڪشميري عوام جي اڻٿڪ استقامت ۽ قرباني جي جذبي کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ جون ڪوششون ڀارت جي وسيع تر انتهاپسنداڻي ايجنڊا جو حصو آهي. شبير احمد شاهه، محمد ياسين ملڪ ۽ مسرت عالم ڀٽ سميت ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي نظربندي اسان جي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي عزم کي ڪڏهن به ڪمزور نه ڪندي. غيرقانوني ڀارتي قبضي دوران نه ختم ٿيندڙ ڌمڪين جي ماحول ۾ مسلسل مزاحمت ڪشميري عوام جي بي مثال حوصلي جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو ڏکڻ ايشيا جي خطي جو هڪ بنيادي تڪرار آهي جيڪو ڀارت جي مسلسل اشتعال انگيز رويي جو محرڪ آهي. مئي 2025ع ۾ پاڪستان جي خلاف ڀارت جي اشتعال انگيز جارحيت ۽ ان جي فوري ۽ جامع فوجي شڪست ان ڳالهه جو تازو ثبوت آهي ته عالمي برادري جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل ڪيتري قدر ضروري بڻجي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام جي مرضي ۽ خواهشون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل جي ڳولا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿو ته اها ڀارت تي زور ڏي ته هو غيرقانوني طور تي ان جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڏوهن کي روڪي ۽ هو 5 آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺي، سخت قانونن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.