اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ خان آفريدي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جنيد غفار ججن جسٽس ظفر راجپوت ۽ جسٽس اقبال ڪلهوڙو ڪالهه ڪراچي هاءِ ڪورٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۾ ملاقات ڪئي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائيءَ موجب ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڪراچيءَ ۾ هڪ جديد …
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ججن سان گڏ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس يحيٰ خان آفريدي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جنيد غفار ججن جسٽس ظفر راجپوت ۽ جسٽس اقبال ڪلهوڙو ڪالهه ڪراچي هاءِ ڪورٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۾ ملاقات ڪئي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائيءَ موجب ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڪراچيءَ ۾ هڪ جديد ترين جوڊيشل ڪامپليڪس جي تعمير جي تجويز جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ 125 مڪمل ضرورتن سان تيار عدالتن سان گڏوگڏ گهربل سهولتون موجود هونديون. ان منصوبي جو مقصد ڪراچيءَ ۾ عدالتي نظام جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي ۽ جلدئي ان تي ڪم شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. چيف جسٽس ان قدمن جي آجيان ڪئي ۽ پائيدار، توسيع پذير ۽ مستقبل جي حوالي سان بنيادي ڍانچي جي منصوبا بندي جي اهميت تي زور ڀريو. هن زور ڀريو ته ڪامپليڪس جي ڊگهي مُدي واري عملداريءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ مستقبل جي اڳڪٿي کي ڊزائين ۾ ضم ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ هن سفارش ڪئي ته سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ججن سميت ڊسٽرڪٽ بار جي ميمبرن سان اسٽرڪچرڊ مشاورت ڪئي وڃي ته جيئن فني خصوصيتن کي نظر ۾ رکي انهن جو اِن پُٽ گڏ ڪري سگهجي ۽ بروقت عملدرآمد لاءِ حڪومت آڏو هڪ بهترين تجويز پيش ڪري سگهجي. پاڪستان جي انصاف جي شعبي کي خودڪار بنائڻ لاءِ جاري ڪوششن تي روشني وجهندي چيف جسٽس وڌيڪ زور ڀريو ته عدالتي ڍانچي جي ترقيءَ کي شهرين تي ٻَڌل نقطه نظر تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان روشنيءَ ۾ هن جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ هڪ جديد سهولت سينٽر کي شامل ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن قانوني چاره جوئي ۽ عوام جي مدد ڪري سگهجي ۽ قانوني چاره جوئي، وڪيلن، عام ماڻهن جي سهولت تي ٻَڌل معلومات ۽ خدمتن تائين بهتر رسائيءَ کي يقيني بنائي سگهجي.










