پاڪستان هر عالمي پليٽ فارم تي مظلوم ڪشميرين لاءِ آواز اُٿاريو آهي: امير مقام

اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ڀارتي قدمن کي رد ڪندي انهن کي واپس وٺڻ، سياسي نظربندن جي آزادي ۽ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. 5 آگسٽ ڪشميرين لاءِ ڪاري ترين ڏينهن مان هڪ آهي، جڏهن ڀارت ان جي خصوصي حيثيت ۽ سُڃاڻپ ڦري ورتي، …

اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ڀارتي قدمن کي رد ڪندي انهن کي واپس وٺڻ، سياسي نظربندن جي آزادي ۽ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. 5 آگسٽ ڪشميرين لاءِ ڪاري ترين ڏينهن مان هڪ آهي، جڏهن ڀارت ان جي خصوصي حيثيت ۽ سُڃاڻپ ڦري ورتي، مودي حڪومت والاريل علائقي کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق ڦري ورتا آهن. پاڪستان عالمي پليٽ فارمز تي مظلوم ڪشميرين لاءِ آواز اُٿاريو آهي ۽ انشاءَ الله پاڪستان اڳتي به عالمي فورمز تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو، يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي وفاقي ۽ صوبن جي سطح تي جڏهن ته آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ خصوصي واڪ ۽ تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ حريت اڳواڻ ڪنوينر غلام محمد صفي سان گڏ يومِ استحصال ڪشمير جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو ڪشمير بابت ڪوآرڊينيٽر شبير احمد عثماني به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 5 آگسٽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي غير قانوني قدمن خلاف ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت لاءِ ڇهون يومِ استحصال ملهايو ويندو. هن ڏينهن ڪشمير تڪرار ۽ ڪشميرين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين کي اجاگر ڪيو ويندو. آپريشن بنيان المرصوص جي فتح سان يومِ استحصال جي اهميت وڌي وئي آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته ڀارت وڏو سبق سکي ورتو آهي ۽ پاڪستان تي ٻيهر حملو ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. اسان کي پنهنجي پاڪ فوج تي فخر آهي جنهن دشمن کي مناسب انداز ۾ ڀرپور جواب ڏنو جنهن سبب ڪشمير مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي اجاگر ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هميشه ڪشميرين لاءِ عالمي فورمز تي آواز اُٿاريو آهي. پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيهڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 19ع تي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي کُليل ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي آئين جي 370 ۽ 35 اي جا شق ختم ڪري ڇڏيا جن تحت ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير کي خصوصي حيثيت حاصل هئي. 5 آگسٽ ڪشميرين لاءِ ڪاري ترين ڏينهن مان هڪ آهي، جڏهن ڀارت ان جي منفرد حيثيت ۽ سُڃاڻپ ڦري ورتي. امير مقام چيو ته مودي حڪومت والاريل عجلائقي کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق ڦري ورتا آهن. ڀارتي فورسز گهريرن ۽ تلاشين جي ڪاررواين دوران نوجوانن کي ڪوڙن مقابلن ۾ مسلسل شهيد ڪري رهي آهي جنهن جو عالمي برادريءَ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن 5 آگسٽ 19ع جي غير قانوني ڀارتي قدمن کي رد ڪندي انهن کي واپس وٺڻ، سياسي نظربندن جي آزادي ۽ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قرارادن موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. والاريل واديءَ ۾ انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي صحافين جي داخلا تي پابندي مڙهڻ انساني حقن جي کُليل ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان هر عالمي پليٽ فارم تي مظلوم ڪشميرين لاءِ آواز اُٿاريو ۽ انشاءَ الله پاڪستان ڪشمير ڪيس پيش ڪندو رهندو. ان ظلمن باوجود اسان جا ڪشميري ڀائر توڙي ڀيڻون پنهنجي خوداراديت جي حق واري جدوجهد تي قائم آهن. ڪشميرين فيصلو ڪري ورتو آهي ته سندن جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي. پاڪستان ۾ ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ملهائي ويندڙ يومِ استحصال جي موقعي تي ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن. ان سلسلي ۾ (اڄ) صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ روڊن تي هلندڙ ٽريفڪ روڪي ويندي. اسلام آباد ۾ تمام وڏي ريلي ڪڍي ويندي، اهڙيءَ طرح ڀارت جي غير قانوني قدمن جي مذمت لاءِ سڄي ملڪ ۾ ضلعي، تعلقي سطح تي صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته ميڊيا هميشه ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.