وزيراعظم پاران قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر تياري جي ضرورت تي زور، ايڊوانس وارننگ سسٽم وقت جي ضرورت آهي: محمد شهباز شريف

گلگت - 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر تياري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايڊوانس وارننگ سسٽم وقت جي ضرورت آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ 4 ارب رپين جي فنڊ و اعلان ڪريان ٿو، 100 ميگاواٽ جو شمسي منصوبو جلد فعال ٿيندو، دانش اسڪول جو جلد پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو …

گلگت – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر تياري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايڊوانس وارننگ سسٽم وقت جي ضرورت آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ 4 ارب رپين جي فنڊ و اعلان ڪريان ٿو، 100 ميگاواٽ جو شمسي منصوبو جلد فعال ٿيندو، دانش اسڪول جو جلد پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برساتن ۽ ٻوڏ متاثرين ۾ امدادي چيڪس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي فوت ٿيندڙن کي 10 لک رپيا في ڪس امدادي چيڪس ڏنا ويا جڏهن ته زخمين کي في ڪس 5 لک رپين جا چڪيس پڻ ڏنا ويا. وزيراعظم چيو ته تازين چوماسي برساتن دوران ڪلائوڊ برسٽ ٿيو، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتون ۽ ٻوڏ آئي جنهن سان ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، انهن جي گهر لُڙهي ويا ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو، الله تعاليٰ فوت ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحت عطا فرمائي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام سان همدردي جي اظهار جي لاءِ ڪابينا ميمبرن سان گڏ هتي آيو آهيان، جيستائين توهان پنهنجي گهرن ۾ ٻيهر آباد نه ٿا ٿي وڃو آئون هتان جو دورو ڪندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جتي اهي قدرتي آفتون بدقسمتي سان اڳتي به اينديون رهنديون، اسان کي انهن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن تياري نه ڪئي ته ڪجهه به ڪري وٺو، ڪم نه ايندو، وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل وزارتن ۽ گلگت بلتستان حڪومت کي گڏجي ان تي ڏينهن رات ڪم ڪرڻو آهي، ان معاملي تي اجلاس ۾ تفصيلي غور فڪر ڪيو آهي، مستقبل ۾ اهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو، ان ۾ سرفهرست ايڊوانس وارننگ سسٽم آهي، اهو وڏو متحرڪ ۽ فعال نظام آهي جيڪو هتي موجود هجڻ گهرجي، 7 سالن کان اهو پروگرام ڪاغذن ۾ هلي رهيو آهي، هتان جي پنهنجي دوري کان اڳ وفاقي وزيرن، سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هتي دوري جي لاءِ موڪليو هو، گذريل 7 سالن ۾ ان حوالي سان ڪو خاص ڪم ناهي ٿيو، هاڻي جيڪو وقت مقرر ڪيو ويو آهي ان ۾ هڪ ڏينهن يا هڪ ڪلاڪ جو به اضافو نه ٿيندو. هن چيو ته 2022ع ۾ به هتي قدرتي آفت آئي هئي، ان وقت متاثرين کي 2 لک رپين جا امدادي چيڪ ڏنا ويا هئا، اها امداد متاثرين جي ڏکن جو مداوو نه آهي، هاڻي امدادي رقم ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک، شديد زخمين کي 5 لک، معمولي زخمين کي 2 لک ۽ گهرن جي تعمير جي لاءِ 5 لک رپيا في ڪس امداد ڏني پئي وڃي، متاثرين جي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي جلد ان جو ازالو ڪيو ويندو، اميد آهي ته صوبائي حڪومت به ان ۾ پنهنجو حصو وجهندي، هن ان جي لاءِ 4 ارب رپيا رکڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته رستن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ مواصلات واري وزارت ڪم ڪري رهي آهي، واپڊا جي منصوبي تي پاڻي وارو وزير معين وٽو تفصيلي جائزو وٺي جلد بريفنگ ڏيندو. هن چيو ته هن علائقي جي لاءِ 100 ميگاواٽ سولر منصوبي جو اعلان ڪيو هو، اهو منصوبو هلندڙ سال تائين پڄاڻي تائين پهچي ويندو ۽ 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، سردين ۾ هن علائقي ۾ بجلي جي شديد ضرورت ۽ کوٽ هوندي آهي، ان منصوبي سان ان تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته دانش اسڪول جو جلد پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو، گلگت بلتستان جو گهٽ مالي وسيلا رکندڙ طبقو ان اسڪول مان فائدو کڻندو، اهو ميرٽ تي ٻڌل نظام هوندو، دانش اسڪولن تي اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، اهو خرچ نه اسان جي مستقبل جي لاءِ سيڙپڪاري آهي، اهي نوجوان تعليم حاصل ڪري قوم جا معمار بڻجندا. هن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙيو ئي آهي جنهن ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ وزيراعظم جو بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله شامل آهن، ان ۾ گلگت بلتستان جي گورنر ۽ وڏي وزير کان پڻ راءِ ورتي ويندي. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ گلگت بلتستان جو گورنر، گلگت بلتستان جو وڏووزير، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر سميت اعليٰ عملدار موجود هئا.