اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) واپاري واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته توانائي، لاجسٽڪس ۽ فوڊ سيڪيورٽي جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل سهڪار ذريعي پاڪستان ۽ بنگلاديش پوري خطي لاءِ هڪ هاڪاري معاشي تبديلي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان سان ملاقات ۾ ڪيو. جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي واپاري، …
واپار واري وفاقي وزير سان بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) واپاري واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته توانائي، لاجسٽڪس ۽ فوڊ سيڪيورٽي جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل سهڪار ذريعي پاڪستان ۽ بنگلاديش پوري خطي لاءِ هڪ هاڪاري معاشي تبديلي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان سان ملاقات ۾ ڪيو. جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي واپاري، توانائي، لاجسٽڪس ۽ صنعتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران هاءِ ڪمشنر تازي دؤري دوران پاڪستان جي صنعتي مرڪز جي مشاهدن ۽ اتان جي مقامي چيمبرز آف ڪامرس جي دلچسپيءَ جو ذڪر ڪيو. هن خاص طور تي بنگلاديش جي صنعتي ضرورتن جي روشنيءَ ۾ پاڪستاني ڪوئلي ۽ چُن جي پٿر جي گُهر تي زور ڀريو جيڪو بنگلاديش جي بجلي پيداور ۽ سوڊا ايش جي تياري ۾ استعمال ٿئي ٿو. ملاقات ۾ زرعي واپار کي هٿي وٺرائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ پاڪستان طرفان بنگلاديش مان انناس جي درآمد ۽ انبن جي امڪاني روانگي واپار جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جيڪا فني منظوريءَ کانپوءِ ممڪن ٿي سگهندي. ڌُرين ٽيڪسٽائل، معدني روانگي واپار (خاص ڪري سنڌ مان اعليٰ معيار جو چُن جو پٿر) ۽ حلال گوشت جي شين جي شعبن ۾ موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه لاجسٽڪ چئلينجز جي حل ۽ بزنس ويزا پراسيسنگ کي آسان بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن مختلف شعبن ۾ ڪاروباري رابطن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ واپاري طريقيڪار کي بهتر بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.










