دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي: گهرو معاملن جو  مملڪتي وزير

اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي، ته امن لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيد اسان جا هيرو آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، پوليس فورس کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن. انهن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ يوم شهداءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو مملڪتي وزير  چيو ته دهشتگردي خالف جنگ سيڪيورٽي …

اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي، ته امن لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيد اسان جا هيرو آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، پوليس فورس کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن. انهن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ يوم شهداءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو مملڪتي وزير  چيو ته دهشتگردي خالف جنگ سيڪيورٽي فورسز وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. پوليس جون قربانيون به بي مثال آهن، دهشتگردي  خلاف  جنگ ۾ 90 هزار ماڻهو شهيد ٿيا. هن چيو ته گهرو وزير محسن نقوي جڏهن عهدي جي چارج سنڀالي ته سمورن فورسز جي پگهارن ۽ شهيدن جي پئڪيج ۾ وڏا فرق هئا  ۽ اهو فرق ڪنهن حد تائين ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسلام آباد پوليس کي وسيلا فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته رمضان هجي يا عيد پوليس پنهنجي ڊيوٽي سهڻي انداز ۾ سرانجام ڏئي رهي آهي. اسان کي سندن احساس آهي، شهيد هجي يا غازي اهو به اسان جو هيرو آهي. شهيدن جون قربانيون  واکاڻ جوڳيون آهن. طلال چوڌري چيو ته گهرو وزير اسلام آباد لاءِ بهترين آَفيسر مقرر ڪيا آهن، مون کي پوليس جي نمائندگي ڪرڻ تي فخر آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران 97 سيڪڙو ڏوهاري پڪڙيا ويا آهن. قتل جا 17 واقعا پيش آيا انهن ڏوهارين کي به جلد ئي پڪڙيو  ويو، اها اسلام آباد پوليس جي بهترين ڪارڪردگي جو نتيجو آهي، ڦرن ۽ قتل جي قدمن وارن واقعن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي اهو ڪم آءِ جي جي نگراني ۾ پوليس جي بهترين ڪارڪردگي سان ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته امن لاءِ قربانيون ڏيڻ وارا شهيد اسان جا هيرو آهن، دهشتگردي خلاف پوليس جو اهم ڪردار آهي.

مزید خبریں