وفاقي وزير احسن اقبال پاران چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي ۽ چين جي خلائي ايجنسي جي چيئرمين سان ملاقات

بيجنگ -04 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال گذريل ڏينهن بيجنگ ۾  چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي ۽ چين جي خلائي ايجنسي جي چيئرمين شان زونگڊي سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ايٽمي توانائي ۽ خلائي تحقيق جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي پاڪستان جي ترقياتي هدف سان ڳنڍڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ …

بيجنگ -04 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال گذريل ڏينهن بيجنگ ۾  چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي ۽ چين جي خلائي ايجنسي جي چيئرمين شان زونگڊي سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ايٽمي توانائي ۽ خلائي تحقيق جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي پاڪستان جي ترقياتي هدف سان ڳنڍڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رٿابندي واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پاڪستان جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ بنيادي رڪاوٽن کي ختم ڪيو آهي ۽ ان تحت ايٽمي توانائي ۾ تعاون مسلسل ترقي ڪري رهيو آهي. هن ڪي-2، ڪي-3 ۽ سي -5 نيوڪليئر پاور پلانٽس کي ان حصيداري جو ڪامياب مثال قرار ڏنو. پروفيسر احسن اقبال موسمياتي تبديلين جي روشني ۾ ايٽمي توانائي کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڏاهپ واري قيادت تحت پاڪستاني خلائي پروگرام کي نئين تحريڪ ملي آهي جنهن تحت ”اڏام پاڪستان“ جي عنوان سان خلائي سائنس تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته ويجهڙ  ۾ ئي پاڪستان چين جي سهڪار سان 3 سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ موڪليا آهن ۽ 2026ع ۾ پهريون پاڪستاني خلاباز چيني خلائي اسٽيشن تي موڪلڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان  جي خلائي ايجنسي کي 2035ع تائين چنڊ تي مشن موڪلڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جا انساني وسيلا دستياب آهن.  جن جي صلاحيت مان چين وڏي پئماني تي فائدو کڻي سگهي ٿو. هن بڌايو ته مستقبل جي ٽيڪنالاجي جي چئلينج کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ۽ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ جي شعبن کي قومي تحريڪ سان گڏائڻ جو جامع پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. هن چيني عملدارن تي زور ڀريو ته نوجوان پاڪستاني سائنسدانن لاءِ مٽاسٽا جي پروگرامن ذريعي خلائي ٽيڪنالاجي ۾ اعليٰ تعليم جي موقعن کي وڌيڪ وڌايو وڃي. چيئرمين شان زونگڊي  وفاقي وزير جي سي پيڪ ۾ ڪيل خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مضبوط جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ بنيادن تي ٻڌل آهن، جيڪي هاڻي مضبوط معاشي تعاون ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هن خاطري ڪرائي ته چين خلائي تحقيق ۽ محفوظ ايٽمي توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان سان ڀرپور تعاون جاري رکندو.

مزید خبریں