اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪ ۾ فائيو جي جلد متعارف ڪرائي ويندي، ملڪ ۾ بنا رڪاوٽ ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي پهرين ترجيح آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسيءَ تحت سمورن شهرين کي آسان قسطن تي موبائل فونون فراهم ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن ٽڪ ٽاڪ ايپ فريچر اسٽيم فيڊ جي لانچنگ واري …
ملڪ ۾ فائيو جي جلد متعارف ڪرائي ويندي، ملڪ ۾ بنا رڪاوٽ ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: شزه فاطمه خواجه
اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ملڪ ۾ فائيو جي جلد متعارف ڪرائي ويندي، ملڪ ۾ بنا رڪاوٽ ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي پهرين ترجيح آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسيءَ تحت سمورن شهرين کي آسان قسطن تي موبائل فونون فراهم ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن ٽڪ ٽاڪ ايپ فريچر اسٽيم فيڊ جي لانچنگ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي، ٽيڪنالاجي سمورن شعبن ۾ ضرورت بڻجي وئي آهي، هاڻ اسان کي ان جو مثبت استعمال يقيني بنائڻو آهي. هن چيو ته نوجوانن کي گهرجي ته اهي ڪجهه نئون سِکن ۽ سيکارين، اسان تي ٻٽي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان ٽيڪنالاجي جو اخلاقي ۽ ذميوراڻو استعمال يقيني بنايون. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ڪتب آڻي اڪيلو فرد به تعليم، روزگار سميت ٻين شعبن ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو. نوجوانن کي هنر سکڻ گهرجن، پڙهيل لکيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪن ٿا، ٽڪ ٽاڪ سان حڪومت جا بهتري لاڳاپا آهن، ٽڪ ٽاڪ اسان جي ملڪي قانونن تي عمل ڪري ٿو. شزه فاطمه خواجه چيو ته اسان ٽڪ ٽاڪ کي لرننگ پليٽ فارم بنائڻ چاهيو ٿي، ٽڪ ٽاڪ جا ڪروڙين صارفين آهن، اسان جو مقصد انهن ماڻهن لاءِ ٽڪ ٽاڪ کي تعليم جو محور بنائڻ آهي، اسٽيم فيڊ ذريعي هي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ان اهم قدم تي تعليم ۽ سڌ سماءَ واري وزارتن، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جي ٽيم کي ساراهيندي ان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته آءِ ٽي ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، نوجوانن کي به ان پليٽ فارم جي استعمال بابت پاڻ به ذميداريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين کي به ان بابت آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي، اخلاقي ۽ ذميداراڻي استعمال ذريعي اسان ان پليٽ فارم کي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهون ٿا، هر ٻار ۽ فرد جي ڊجيٽل سُڃاڻپ تيار ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي. ڊجيٽل پاڪستان ايڪٽ جو مقصد ملڪ جي نظم و نسق، معيشت سميت سموري ڊيٽا کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آهي ۽ هي سموري ڊيٽا مربوط هجي. ڊجيٽلائزيشن بابت سمورا دستاويز ۽ ڄاڻ هڪ ڪِلڪ تي دستياب هوندي، ڊجيٽل نيشنل پاڪستان ۾ اڳڀرائيءَ کانپوءِ هر شخص جي ڊجيٽل سُڃاڻپ تيار ڪئي ويندي. هن چيو ته تيز رفتار ۽ مسلسل انٽرنيٽ جي فراهمي پهرين ترجيح آهي. گذريل سالن ۾ انٽرنيٽ جي گهر ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. 2023ع ۾ پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ جي ويجهو هو، هاڻ ملڪي معيشت ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مقام مٿانهون ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مئي ۾ حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان نه صرف روايتي جنگ کٽي پر ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ دشمن کي شڪست ڏني. هڪ طرف اسان جهاز ڪيرايا ته ٻئي طرف ٽيڪنالاجي وار فيئر ۾ به نوجوانن سميت سڀني پاڪستانين گڏجي دشمن کي شڪست ڏني، ان جنگ ۾ ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار هو، پاڪستان دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته 2014ع ۾ محمد نواز شريف جي حڪومتي دؤر ۾ فور جي ملڪ ۾ آئي، ملڪ کي 550 ميگا هرٽز تي وٺي وينداسين، جلد آڪشن ڪنداسين، جنهن سان نه صرف ٿري جي ۽ فور جي اسپيڊ ۾ بهتري ايندي پر فائيو جي به ملڪ ۾ متعارف ڪرائي ويندي. هن چيو ته نيشنل فائبريشن پلان تحت سڄي ملڪ ۾ فائبر جو ڄار وڇايو ويندو، انٽرنيٽ جو هي ذريعو وڌيڪ ڀروسي جوڳو ۽ تيز رفتار آهي. هن چيو ته ٽي نيون ميرين ڪيبل مان سڀ کان وڏي سب ميرين ڪيبل پاڪستان ۾ پهچي چڪي آهي جيڪا هلندڙ سال جي آخر تائين فعال ٿي ويندي. دنيا مان سيٽلائٽ انٽرنيٽ ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سمارٽ فون فار آل دي پاليسي ٻُڌائي آهي ان پاليسيءَ تحت سمورن شهرين کي سمارٽ فونون بنا فرق جي آسان قسطن تي فراهم ڪيون وينديون، عورتن جي ماليات تائين رسائي وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومتي دؤر ۾ هن وقت تائين 12 لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن، وزيارعظم يوٿ پروگرام تحت هلندڙ سال هڪ لک ليپ ٽاپ حقدار ۽ قابل شاگردن ۾ ميرٽ تي ورهايا پيا وڃن. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجهيه قمر چيو ته ٽڪ ٽاڪ انٽرنيٽ جو هڪ بهترين پليٽ فارم آهي پر ان قدمن سان نوجوانن ۾ تعليم ۽ سکڻ جي عمل کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. نوجوان اسان جو مستقبل آهن، هو ان قدمن ذريعي پنهنجي صلاحيتن کي بهتر بنائي سگهن ٿا ۽ ان کي ڪتب آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، نوجوان موبائل فون يا ليپ ٽاپ ذريعي دنيا جهان جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آءِ ٽي واري وزارت، تعليم واري وزارت ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن جي ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائي يقيني بنائڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن، اسان کي مربوط حڪمت عملي ذريعي اڳتي وڌڻ سان ڪاميابي ملندي. وفاقي گادي واري هنڌ جي اسڪولن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ٽيڪنالاجي تائين رسائي آهي. هن چيو ته هلندڙ سال ڊسمبر تائين وفاقي گاديءَ واري هنڌ سمورن اسڪولن کي فائبر آپٽڪ سان ڳنڍيو ويندو ۽ کين هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ فراهم ڪئي ويندي.












