اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي موجوده علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي پنهنجي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب اسحاق ڊار ۽ مارڪو روبيو جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي موجوده علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي پنهنجي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب اسحاق ڊار ۽ مارڪو روبيو جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.












