اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ايمسٽرڊم ۾ 24 سيپٽمبر کان ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش اي آءِ اينڊ بگ ڊيٽا ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 12 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ايمسٽرڊم ۾ 24 کان 25 سيپٽمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ اي آءِ ساليوشنز، بگ ڊيٽا ڪمپيوٽنگ، سائبر سيڪيورٽي، فن ٽيڪ …
اي آءِ بگ ڊيٽا ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 12 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي
اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ايمسٽرڊم ۾ 24 سيپٽمبر کان ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش اي آءِ اينڊ بگ ڊيٽا ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 12 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ايمسٽرڊم ۾ 24 کان 25 سيپٽمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ اي آءِ ساليوشنز، بگ ڊيٽا ڪمپيوٽنگ، سائبر سيڪيورٽي، فن ٽيڪ ۽ هيلٿ ٽيڪ سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجا واپاري لاڳاپا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.












