گلگت -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان سومر ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب گلگت بلتستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ حڪومت پاران ڪيل بچاءُ ۽ امدادي ڪاررواين بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ دانش اسڪول قائم …
وزيراعظم سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان جي ملاقات
گلگت -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان سومر ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب گلگت بلتستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ حڪومت پاران ڪيل بچاءُ ۽ امدادي ڪاررواين بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جي فيصلي تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ترقياتي ڪمن تي اڳڀرائي تي به غور ڪيو ويو.












