اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ڪالهه ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري، ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جو ايوان صدر ۾ شاندار آڌرڀاءُ …
صدر آصف علي زرداري سان ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جي ملاقات، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ڪالهه ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري، ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جو ايوان صدر ۾ شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. ملاقات ۾ آصف علي زرداري ۽ ايراني صدر پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن وسيع النبياد ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري علائقائي معاملن تي ايران جي اصولي موقف کي ساراهيندي چيو ته خطي ۾ تعاون لاءِ تهران جي مستقل حمايت تي ٿورو مڃيو. صدر مملڪت مشڪل وقت ۾ ايران جي يڪجهتي تي شڪريو ادا ڪيو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ ايران خطي جي پرامن ۽ خوشحال مستقبل لاءِ گڏجي ڪم جاري رکندا. آصف علي زرداري ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنائي پاران ڄمون ڪشمير تي ڀارتي غير قانوني قبضي خلاف عوام جي مسلسل حمايت تي ٿورو مڃيو. صدر آصف علي زرداري ايران خلاف اسرائيلي اڳرائي جي سخت مذمت ڪئي، هن جنگ دوران ايراني قوم جي جرئت ۽ اتحاد کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري اميد ظاهر ڪئي ته صدر پز شڪيان جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. صدر مسعود پز شڪيان اسرائيل سان جنگ دوران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جي حمايت تي ٿورو مڃيو. صدر پز شڪيان چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪيو، ٻنهي اڳواڻن تڪرارن کي وڌڻ کان روڪڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جامع سفارتي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو.











