اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي)ايران جي روڊ اينڊ اربن ڊولپمينٽ واري وزير فرزانه صادق مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي سان گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڳ کان موجود دوستاڻن ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ خاص ڪري آمدرفت جي ذريعن ۾ بهتري آڻڻ جي مختلف معاملن تي …
ايراني وزير فرزانه صادق جو وفاقي وزيرن سان گڏيل اجلاس، گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ خاص ڪري آمدرفت ۾ بهتري آڻڻ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي)ايران جي روڊ اينڊ اربن ڊولپمينٽ واري وزير فرزانه صادق مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي سان گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڳ کان موجود دوستاڻن ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ خاص ڪري آمدرفت جي ذريعن ۾ بهتري آڻڻ جي مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ايران طرفان پاڪستان ۽ چين سان سلڪ روڊ منصوبي ۾ شرڪت ۽ گوادر کان چاه بهار جي سامونڊي روٽ تي گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ايران جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام ايران کي اسرائيل خلاف سرخرو ٿيڻ تي مبارڪون ڏي ٿو، جيڪو سڄي عالم اسلام لاءِ فخر ۽ خوشي جي ڳالهه آهي، عبدالعليم خان چيو ته ايران ۽ پاڪستان هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو جڏهن ته هاڻوڪي ويڙهه ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو. مواصلات واري وفاقي وزير ايراني وزير فرزانه صادق کي 23 ۽24 آڪٽوبر تي پاڪستان ۾ رٿيل منسٽريل ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن ۾ 20 ملڪ شريڪ ٿيندا، ايراني وزير اسرائيلي اڳرائي خلاف ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي پاڪستاني عوام لاءِ خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گاڏين جي موجوده انگ ۾ واڌ ضروري آهي ۽ اسان ڪوئيٽا کان زاهدان جي موجوده روٽ ۾ به جدت آڻي سگهون ٿا. مواصلات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن طرفان ورڪنگ گروپس جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ٻطرفا معاملا تيزي سان مڪمل ٿي سگهن. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ايراني وزير کي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي لاءِ ٽريڊ مارڪيٽ ثابت ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي شعبن ۾ وڏي گنجائش موجود آهي. ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي اسلام آباد، تهران ۽ استنبول ريلوي منصوبي جو نئين سر جائزو وٺڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان کان زاهدان جي ريلوي ٽريڪ کي اپ گريڊ ۽ تعداد ۾ واڌ ڪنداسين، ايراني وزير فرزانه صادق وفاقي وزيرن جو ٿورو مڃيندي ايران طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته سندن پاڪستان جو دورو انتهائي خوشگوار ۽ يادگار آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ فعال انداز ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. مواصلات واري وفاقي وزير پنهنجي هاڻوڪي ايران جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل اڳڀرائي کي مثبت قرار ڏنو. هنن ايران جي وزير فرزانه صادق کي تحفا پيش ڪيا ۽ ايران جي عوام لاءِ خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو.











