ايراني صدر ۽ محمد نواز شريف وچ ۾ ملاقات، علائقائي صورتحال ۽ پاڪ ايران لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ

لاهور-02 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف وچ ۾ ڪالهه لاهور ايئرپورٽ لائونج ۾ ملاقات ٿي. ان موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف به موجوده هئي. ملاقات دوران ٻطرفن معاملن، علائقائي صورتحال ۽ پاڪ ايران لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بعد ۾ اسلامي جمهوريه ايران جو …

لاهور-02 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف وچ ۾ ڪالهه لاهور ايئرپورٽ لائونج ۾ ملاقات ٿي. ان موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف به موجوده هئي. ملاقات دوران ٻطرفن معاملن، علائقائي صورتحال ۽ پاڪ ايران لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بعد ۾ اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو. لاهور ايئرپورٽ تي وزيراعليٰ مريم نواز معزز مهمان کي الوداع ڪيو.

مزید خبریں