اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. اسلام آباد جي هوائي اڏي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ۽ سندس وفد جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ڊاڪٽر پيز شڪيان سان گڏ اعليٰ سطح جي وفد ۾ ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي، سينئر وزير …
ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. اسلام آباد جي هوائي اڏي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ۽ سندس وفد جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ڊاڪٽر پيز شڪيان سان گڏ اعليٰ سطح جي وفد ۾ ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي، سينئر وزير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به شامل آهن. پنهنجي قيام دوران صدر پز شڪيان صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. هن دوري ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جا اجلاس ٿيندا. هي ايران جي صدر جي حيثيت سان ڊاڪٽر پز شڪيان جو پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي، هن دوري سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.











