اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل ڏينهن ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – ايران لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير، ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جي قيادت ۾ سرڪاري دوري تي آيل …
پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل ڏينهن ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – ايران لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير، ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جي قيادت ۾ سرڪاري دوري تي آيل وفد جو حصو آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – ايران لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جنهن ۾ علائقائي استحڪام، واپار ۽ معاشي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. هنن گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











