ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو

لاهور-02 آگسٽ (اي پي پي) ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. صدر جي حيثيت سان سندس پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي. سندس جهاز لاهور ايئرپورٽ تي لٿو جتي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف ۽ هائوسنگ جي وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده سندس شاندار استقبال ڪيو. لاهور ايئرپورٽ تي ٻارن معزز مهمان …

لاهور-02 آگسٽ (اي پي پي) ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. صدر جي حيثيت سان سندس پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي. سندس جهاز لاهور ايئرپورٽ تي لٿو جتي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف ۽ هائوسنگ جي وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده سندس شاندار استقبال ڪيو. لاهور ايئرپورٽ تي ٻارن معزز مهمان کي گلدستو پيش ڪيو ۽ صدر پزشڪيان ٻارن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو. هڪ اعليٰ سطحي وفد به ايراني صدر سان گڏ آهي. صدر مسعود پزشڪيان لاهور ۾ اقبال جي مزار تي حاضري ڀريندو ۽ پوءِ اسلام آباد لاءِ روانو ٿيندو جتي هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو. ايراني صدر گرمجوشي سان استقبال لاءِ ميان محمد نواز شريف ۽ مريم نواز شريف جا ٿورا ادا ڪيا. دوري جو مقصد ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ خطي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. ان موقعي تي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان، آءِ جي عثمان انور ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.