اسلام آباد -02 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته رومانيه جي ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا موجود آهي، حڪومت ٽيرف ۽ نان ٽيرف رڪاوٽون مرحليوار گهٽ ڪري رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير ڄام ڪمال خان رومانيه جي سفير ڊين اسٽونيسڪو سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، دفاع ۽ …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي رومانيه جي سفير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -02 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته رومانيه جي ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا موجود آهي، حڪومت ٽيرف ۽ نان ٽيرف رڪاوٽون مرحليوار گهٽ ڪري رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير ڄام ڪمال خان رومانيه جي سفير ڊين اسٽونيسڪو سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، دفاع ۽ توانائي جي سهڪار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. رومانيه جي سفير پاڪستاني روانگي واپار لاءِ ڪنسٽانزا بندرگاهه استعمال ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. وفاقي وزير چيو ته بندرگاهه تائين پهچڻ ايڪسپورٽ لاجسٽڪس ۾ اهم قدم آهي. ملاقات دوران زرعي، گوشت، دواسازي، سرجيڪل ۽ گرين انرجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سفير ڊين اسٽونيسڪو رومانيه طرفان پاڪستان کي سج ۽ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ پاڪستاني صنعتي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي، صنعتي شراڪتداري ۾ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ٽيرف ۽ نان ٽيرف رڪاوٽون مرحليواري گهٽائي رهي آهي، رومانيه جي ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا موجود آهن. رومانيه جي سفير پاڪستاني آءِ ٽي ماهرن جي صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته رومانيه پاڪستاني آءِ ٽي ماهرن کي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جا آءِ ٽي ماهر عالمي سطح تي معياري خدمتون ڏئي رهيا آهن. ملاقات دوران ٽيڪنالاجي شعبي ۾ گڏيل سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪندي ثقافتي سفارتڪاري ۽ ويزه سهولتن ۾ بهتري تي زور ڀريو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن دوران گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











