اسلام آباد -02 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته ڪالاشاهه ڪاڪو ريلوي ٽريڪ بحال ڪري فٽنيس رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ذميوارن کي جيل موڪليو ويندو. ريلوي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير چيو ته بحال ڪيل ٽريڪ وٽان ڏينهن جو ڏيڍ وڳي جعفر ايڪسپريس ٽريڪ تان گذرندي ۽ اسلام آباد ايڪسپريس به معمول موجب ٽريڪ تان رواني …
ڪالاشاهه ڪاڪو ريلوي ٽريڪ بحال، فٽنيس رپورٽ جاري، ذميوارن کي جيل موڪليو ويندو: وفاقي وزير حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد -02 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته ڪالاشاهه ڪاڪو ريلوي ٽريڪ بحال ڪري فٽنيس رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ذميوارن کي جيل موڪليو ويندو. ريلوي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير چيو ته بحال ڪيل ٽريڪ وٽان ڏينهن جو ڏيڍ وڳي جعفر ايڪسپريس ٽريڪ تان گذرندي ۽ اسلام آباد ايڪسپريس به معمول موجب ٽريڪ تان رواني ٿيندي. هن چيو ته ٻيون ٽرينون پڻ پنهنجي پنهنجي معمول موجب روانيون ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته سمورن زخمي مسافرن کي طبي امداد بعد ڊسچارج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فيڊرل گورنمينٽ انسپيڪٽر آف ريلويز جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا 7 ڏينهن ۾ رپورٽ وزارت کي پيش ڪندي، وفاقي وزير چيو ته ذميوارن کي سڌو جيل موڪليو ويندو.











