اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان لوڪ سڀا ۾ ڀارتي سياسي اڳواڻن جي ”آپريشن سنڌُور“ جي حوالي سان بي بنياد ۽ غيرذميواراڻي بيانن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اهڙا اشتعال انگيز بيان ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام کي هوا ڏين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي …
پاڪستان پاران لوڪ سڀا ۾ ڀارتي سياسي اڳواڻن جي ”آپريشن سنڌُور“ جي حوالي سان بي بنياد ۽ غيرذميواراڻي بيان سختي سان رد

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان لوڪ سڀا ۾ ڀارتي سياسي اڳواڻن جي ”آپريشن سنڌُور“ جي حوالي سان بي بنياد ۽ غيرذميواراڻي بيانن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اهڙا اشتعال انگيز بيان ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام کي هوا ڏين ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت پاڪستاني علائقن تي ڪو اعتبار جوڳو ثبوت ڏيڻ کانسواءِ حملا ڪيا، نام نهاد دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين ۾ معصوم شهري شهيد ٿيا، ڀارت پهلگام واقعي جي گڏيل جاچ جي لاءِ پاڪستان جي فوري آڇ کي رد ڪري ڇڏيو ته جيئن سندس ڪوڙي دعوائن تي پاڻي نه ڦري وڃي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جون دفاعي صلاحيتون ڀارت جي ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي جي خلاف مضبوط رڪاوٽ آهن، اسان جي لاءِ معمول جي راهه رڳو گڏيل احترام، علائقائي سالميت ۽ عالمي قانونن جي پاسداري سان ئي ممڪن آهي، ڀارت جي مسلسل جنوني ايجنڊا، اشتعالانگيز بيان ۽ کوکليون دعوائون خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. ترجمان ڀارتي گهرو وزير جي تازي سنڌ طاس معاهدي تي بيانن کي پڻ رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اها بي بنياد دعويٰ قانوني حيثيت نٿي رکي ۽ طئي ٿيل عالمي معاهدن کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير جي آمريڪا ۾ جاري سفارتڪاري جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران فلسطينين ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق تي پنهنجو موقف ورجايو. هن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات جو پڻ ذڪر ڪيو جتي ٻنهي ملڪن ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ڪويت، ناروي، مصر ۽ ٻين او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ۾ فلسطين جي ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي آجيان ڪري ٿو ۽ آمريڪا جي پرامن تڪرارن جي حل لاءِ مسلسل تعاون کي ساراهيو. علائقائي اپ ڊيٽس تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ٿيندا جڏهن ته ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان 2 آگسٽ تي پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو اسلام آباد جو دورو ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ ڪاميابي سان لانچ ڪيو آهي جيڪو زميني نگراني، موسمياتي تبديلي جي تجزيي ۽ پاڻي وسيلن جي انتظام کي بهترب ڻائيندو. صوماليه ۽ چين سان ٻطرفيون مشاورتون پڻ ٿيون جن ۾ واپار، دفاع ۽ علائقائي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي ترجمان چيو ته بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جهڙن گروپن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي جن کي سرحد پار کان فنڊنگ ۽ مدد ملي رهي آهي جنهن جا ثبوت موجود آهن، اسان ان معاملي کي افغان عملدارن آڏو اٿاريو آهي ۽ فيصلائتي ڪارروائي جي اميد رکون ٿا. ڀارت سان لاڳاپن بابت هن چيو ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ عالمي قانونن جي بنياد تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي پر هو پنهنجي خودمختياري جي خلاف ڪنهن به ڪوڙي بيانيي يا جارحاڻي ڪارروائي جو سختي سان دفاع ڪندو، اسان جو پيغام واضح آهي ته بي بنياد دعويٰ ۽ فوجي جنون سان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ممڪن نه آهي رڳو سفارتڪاري ۽ عالمي اصولن جي پاسداري سان ئي امن جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي.











