اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي لوڪ ورثه پاڪستان نيشنل ميوزم آف ايٿنالوجي ۾ ”ميو ڪميونٽي“ لاءِ نئين ثقافتي ڊائيوراما جو افتتاح ڪيو ان نمائشي ڊسلپي جو مقصد ميو برادريءَ جي تاريخ، ثقافت ۽ روايتن کي اجاگر ڪرڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ميو برادري پاڪستان جي ثقافتي منظرنامي جو اهم ۽ محترڪ حصو آهي، ان …
وفاقي وزير اورنگزيب کچي لوڪ ورثه ۾ ميو ڪميونٽي جي ثقافتي ڊائيوراما جو افتتاح ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي لوڪ ورثه پاڪستان نيشنل ميوزم آف ايٿنالوجي ۾ ”ميو ڪميونٽي“ لاءِ نئين ثقافتي ڊائيوراما جو افتتاح ڪيو ان نمائشي ڊسلپي جو مقصد ميو برادريءَ جي تاريخ، ثقافت ۽ روايتن کي اجاگر ڪرڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ميو برادري پاڪستان جي ثقافتي منظرنامي جو اهم ۽ محترڪ حصو آهي، ان جي روايتن، ثقافتي خدمتن ۽ تاريخي اهميت کي محفوظ رکڻ اسان جي قومي ذميداري آهي. هن لوڪ ورثي طرفان پُٺتي پيل طبقن جي نمائندگي جي قدمن کي ساراهيو. هي ڊسلپي ميو ڪميونٽي جي تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر وقاص سليم چيو ته هي قدم لوڪ ورثه جي ويزن ”ثقافت ذريعي ڪميونٽي ڊولپمينٽ“ جو حصو آهي. هر ڪميونٽي جي هڪ ڪهاڻي هوندي آهي ۽ اسان جو مقصد ان ڪهاڻين کي قومي بيانيي جو حصو بنائڻ آهي. ميو برادري جيڪو اڪثر ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ آباد آهي. زراعت، صوفي موسيقي ۽ لوڪ روايتن ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿي. ڊسلپي ۾ ”سنگنگ ڪارنر“ به شامل آهي جتي وفاقي وزير ميو زبان ۾ صوفياڻو ڪلام ٻُڌو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن ملڪ جي سمورن ثقافتي برادرين جي خدمتن ۽ روايتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي.











