اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي موثر ۽ فعال پرڏيهي پاليسي سبب آمريڪا سان واپاري معاهدي کانپوءِ آمريڪي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني مصنوعات تي ٽيرف ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ پاڪستان کي خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نمايان رعايت ملي آهي. پاڪستاني مصنوعات تي ٽيرف گهٽائي 19 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو پاڪستان جي موثر فعال ۽ هم آهنگ پرڏيهي پاليسي جو نتيجو آهي، …
پاڪستان جي موثر ۽ فعال پرڏيهي پاليسي سبب آمريڪا پاڪستاني مصنوعات تي ٽيرف گهٽائي 19 سيڪڙو ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي موثر ۽ فعال پرڏيهي پاليسي سبب آمريڪا سان واپاري معاهدي کانپوءِ آمريڪي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني مصنوعات تي ٽيرف ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ پاڪستان کي خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نمايان رعايت ملي آهي. پاڪستاني مصنوعات تي ٽيرف گهٽائي 19 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو پاڪستان جي موثر فعال ۽ هم آهنگ پرڏيهي پاليسي جو نتيجو آهي، آمريڪا پاران جاري ڪيل لسٽ موجب ڀارت تي 25 سيڪڙو، بنگلاديش، سريلنڪا، ويٽنام، تائيوان تي 20 سيڪڙو ۽ پاڪستان تي صرف 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، اها رعايت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ترجيح يافته واپاري پوزيشن حاصل ڪري چڪو آهي. اها اڳڀرائي انهن سفارتي قدمن جو ثمر آهي جن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وچ ۾ موثر رابطن سميت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پاران آمريڪي عملدارن سان ڪامياب اعليٰ سطحي ملاقاتون شامل آهن. ناڻي واري وزارت ان فيصلي کي پاڪستان لاءِ هڪ واپاري موقعو قرار ڏنو آهي جيڪو نه رڳو روانگي واپار ۾ اضافو ڪندو پر آمريڪي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني مصنوعات جي موجودگي کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. اها اڳڀرائي نه رڳو ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ بهتري جي عڪاسي ڪري ٿي پر پاڪستان جي پرڏيهي ۽ واپاري پاليسي جي پڻ ڪاميابي آهي. اعليٰ سطح تي ٻين ملڪن تي لاڳو ٽيرف جي شرح ۾ ڏکڻ آفريقا تي 30 سيڪڙو، سوئٽزرلينڊ تي 39 سيڪڙو، ترڪيه ۽ اسرائيل تي 15 سيڪڙو، ڪينيڊا تي 35 سيڪڙو (پهرين 25 سيڪڙو)، برطانيه، برازيل، فاڪلينڊ آءِ لينڊز 10 سيڪڙو، ميانمار، لائوس 40 سيڪڙو ۽ شام تي ٽيرف 41 سيڪڙو (سڀ کان وڌيڪ) لاڳو ڪيو ويو آهي. پاڪستان وانگر جن ٻين ملڪن تي 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي انهن ۾ انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائن، ٿائي لينڊ ۽ ڪمبوڊيا شامل آهن. ناڻي واري وزارت ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان پاڪستان ۾ روانگي واپار کي وڌيڪ ترقي ملندي، خاص ڪري ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فارما، زرعي مصنوعات ۽ انجنيئرنگ شين جي شعبن ۾ آمريڪا ۾ پاڪستاني مصنوعات جي رسائي وڌيڪ وڌي سگهندي. اهو فيصلو آمريڪي عملدارن پاران هڪ متوازن ۽ مستقبل جي پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو پاڪستان کي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ چٽاڀيٽي واري حيثيت فراهم ڪري ٿو. خاص طور تي هي ٽيرف سطح پاڪستان جي روانگي واپار واري صلاحيت کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. خاص ڪري ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ جيڪو ملڪي روانگي واپار جي ڪرنگهي واري هڏي سمجهيو وڃي ٿو. ناڻي واري وزارت لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ان ڳالهه تي پرعزم آهي ته موجوده ٽيرف معاهدو آمريڪي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي موجودگي کي سگهه ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙ ۽ واپاري تنظيمون ان اڳڀرائي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ جارحاڻي ۽ هدفي مارڪيٽنگ حڪمت عملي اختيار ڪن. ٽيڪسٽائيل کانسواءِ ٻين شعبن ۾ به نمايان ترقي جي گنجائش موجود آهي ۽ حڪومت روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاليسي مدد، مارڪيٽ انٽيليجنس ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ جي مختلف رخن کان سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان حڪومت کي اميد آهي ته آمريڪا سان سيڙپڪاري، مصنوعي ذهانت، ڪرپٽو ڪرنسي، معدنيات، توانائي ۽ ٻين اڀرندڙ شعبن ۾ به مثبت رابطا ۽ ويجهو تعاون جاري رهندو. پاڪستان صدر ٽرمپ ۽ آمريڪي انتظاميه سان اقتصادي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويجها رابطا قائم رکندو. ناڻي واري وزارت آمريڪي عملدارن جي تعميري حصيداري کي ساراهي ٿي. ناڻي واري وزارت روانگي واپار ڪندڙ ۽ واپاري ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته ان موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن ۽ عالمي معيارن واري مصنوعات ۽ ڀرپور مارڪيٽنگ حڪمت عملي ذريعي آمريڪي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو حصو وڌيڪ مستحڪم ڪن.











